وزيراعظم جي پٽيوالي جي اڪائونٽ مان چار سئو ڪروڙ رپيا هٿ

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي اڳوڻي پٽيوالو جهانگير عالم ڪروڙ پتي نڪتو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، وزيراعظم شيخ حسينه واجد به هڪ بيان ۾ چيو هو ته سندس گهر ۾ ڪم ڪندڙ پٽيوالو چار سئو ڪروڙ رپين جو مالڪ بڻجي ويو آهي.
جنهن کانپوءِ بنگلاديش جي مرڪزي بئنڪ جهانگير عالم ۽ سندس گهرواري ۽ وزيراعظم بابت ڪيئي ادارن جي بئنڪ بئلنس اڪائونٽس کي ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
اينٽي ڪرپشن ڪميشن به معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته جهانگير عالم بابت چيو پيو وڃي ته هو آمريڪا ۾ پنهنجي ٻي گهرواري ڏانهن فرار ٿي چڪو آهي.
جهانگير عالم وٽ ڪروڙين ماليت جي گاڏي ۽ هڪ ٽي ماڙ شاهاڻو گهر به آهي جڏهن ته سندس لائيف اسٽائيل به شاهاڻو آهي.
جهانگر عالم وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي اسٽاف ۾ شامل هو ۽ مددگار ورڪر طور ڪم ڪندو هو پر هن پنهنجي گهرواري جي اڪائونٽس ۾ ڪروڙين رپيا رکيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.