اسلام آباد (بيورو+م ڊ) آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ 7 ارب ڊالرن جي قرض لاءِ اسٽاف سطح تي معاهدو ٿي ويو آهي، جنهن جي حتمي منظوري آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ کان بورڊ کان ورتي ويندي، جڏهن ته ناڻي واري وفاقي وزير بنيادي ڍانچي ۾ سڌارا آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. آءِ ايم ايف 37 مهينن لاءِ قرض جي پروگرام تي راضي ٿي وئي. عالمي مالياتي فنڊ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان کي 37 مهينن ۾ 7 ارب آمريڪي ڊالر ملندا. ان حوالي سان ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب بنيادي ڍانچي ۾ سڌارا آڻڻ جو اعلان ڪيو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام پاڪستان ۾ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت بنيادي سڌارن کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، اسان کي ناڻي، توانائي ۽ سرڪاري ادارن ۾ استحڪام آڻڻ جي ضرورت آهي، ايندڙ سالن ۾ ڍانچي سڌارا آڻينداسين. ياد رهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جي مقصدن ۾ معاشي استحڪام، مالياتي پاليسي، جٽادار ترقي ۽ ٽئڪس جو دائرو وڌائڻ شامل آهن. نئين قرض جي پروگرام جي حتمي منظوري آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ ڏيندو. پاڪستان کي 37 مهينن ۾ 7 ارب آمريڪي ڊالر ملندا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني اختيارين جي درخواست تي آءِ ايم ايف مشن چيف ناٿن پورٽر جي اڳواڻي ۾ هڪ ٽيم مئي 2024 ۾ اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ نئين قرض جي پروگرام تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پاڪستان ۾ هڪ سال دوران مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي. پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ بهتري آئي آهي ۽ معاشي مضبوطيءَ کي هٿي ملي آهي. آءِ ايم ايف پاران ملندڙ قرض پاڪستان ۾ معاشي بهتري کي هٿي ڏيندو ۽ پاڪستان ۾ ٽئڪس روينيو ۾ اضافو ٿيندو. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ ٽئڪس جو حصو 3 سيڪڙو تائين وڌايو ويندو. ان سان گڏ ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ به ٽئڪس نيٽ کي وڌايو ويندو. اعلان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ زرعي شعبي کي به ٽئڪس نيٽ هيٺ آندو ويندو. نتيجي ۾ پاڪستان کي جٽادار ترقي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم مدد ملندي. رياستي ادارن جي انتظامي معاملن کي به بهتر بڻائڻو پوندو. پڌرائي موجب سڀني کي سيڙپڪاريءَ لاءِ هڪ جهڙو ماحول ڏنو وڃي. انساني وسيلن ۾ اضافو پڻ اڻٽر آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سوشل سڪيورٽي سپورٽ کي وڌائڻو پوندو. انهن سمورن مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان لاءِ دوست ملڪن جي مدد به اهم سمجهي ويندي،هوڏانهن پاڪستان آءِ ايم ايف کان 7 ارب ڊالرن جو قرض واپس وٺڻ لاءِ ڳري ٽئڪس وصولي جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي. پاڪستان آءِ ايم ايف کي ٽن سالن دوران ٽئڪس روينيو ۾ 3724 ارب رپين جي واڌ جو يقين ڏياريو آهي. ناڻي واري وزارت جي دستاويزن موجب هلندڙ مالي سال ٽئڪس اڳاڙين ۾ 1.25 سيڪڙو اضافو ڪرڻ جو منصوبو آهي، زرعي شعبي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ به شرطن ۾ شامل آهي. دستاويزن موجب رٽيلرز ۽ ايڪسپورٽرن تي به اضافي ٽئڪس لاڳو ڪيو ويندي، جڏهن ته نان فائلرز جو گهيرو تنگ ڪيو ويندو ۽ واپارين کي رجسٽرڊ ڪيو ويندو. ڊجيٽلائيزيشن ذريعي ٽئڪس نيٽ وڌايو ويندو ۽ مختلف شعبن کي رعايتون ڏنيون وينديون، سبسڊيز کي مرحليوار ختم ڪرڻ منصوبي ۾ شامل آهي. بجلي ۽ گئس اگهه طئي ٿيل شيڊول موجب وڌايا ويندا ۽ آءِ ايم ايف کي يقين ڏياريو ويو ته ٽئڪس روينيو گڏ ڪرڻ ۾ سولائي پئدا ڪئي ويندي.