ٽنڊوالهيار ( ڊ ر ) ٽنڊوالهيار جي ضلعي ڪائونسل ۽ بار ڪائونسل جو ميمبر وڪيل عابد حسين ٿيٻو گذريل ٻن ڏينهن کان حيدرآباد جي الرحيم سينٽر واري فيلٽ کان نڪرڻ کان پوءِ پرسرار نموني گم ٿي ويو آهي. نوجوان جو مسلسل نمبر بند اچڻ ۽ وارثن پاران نوجوان سان رابطو نه ٿيڻ ڪري اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي. جڏهن ته پوليس کي حيدرآباد جي هٽڙي باءِ پاس وٽان عابد ٿيٻو جي ريوو گاڏي لاوارث حالت ۾ ملي آهي. وارثن موجب عابد حسين ٿيٻو گذريل 2 ڏينهن اڳ حيدرآباد ويل هو جنهن کان پوءِ اسان سان سندس رابطو ڪٽجي ويو آهي مسلسل رابطو ڪرڻ تي سندس نمبر بند اچي رهيو آهي، اسان کي شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي. ٻي پاسي ڊي آءِ جي حيدرآباد نوجوان جي ڳولا لاءِ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي ايس ايس پي حيدرآباد جي نگراني ۾ ڊي ايس پي سي آءِ اي اسلم لانگاهه جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي وئي آهي. جڏهن ته نوجوان جي اچانڪ گم ٿيڻ تي وارثن ۾ شديد بي چيني ڇانيل آهي.