مخصوص سيٽون ملڻ بعد پي ٽي آءِ سڀ کان وڏي پارٽي بڻجڻ جا امڪان

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽون حاصل ڪري سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي ويندي،  سپريم ڪورٽ پاران پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ واري فيصلي کانپوءِ  قومي اسيمبلي ۾ نمبر گيم دلچسپ رخ اختيار ڪري ورتو.  پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽون حاصل ڪري سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي ويندي.  23 مخصوص سيٽون ملڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن جو انگ 109 ٿيڻ جو امڪان آهي، پر پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ملڻ باوجود ن ليگ جو حڪمران اتحاد برقرار رهندو. مسلم ليگ ن جو حڪمران اتحاد 209 ميمبرن سان گڏ اسيمبلي ۾ سادي اڪثريت رکي ٿي، جيڪڏهن مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ملن ٿيون ته اپوزيشن اتحاد 120 ميمبرن تي مشتمل هجڻ جو امڪان آهي، هن وقت قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ سميت مجموعي اپوزيشن 97 ميمبرن تي مشتمل آهي، قومي اسيمبلي ۾ هن وقت پي ٽي آءِ جا 86 ميمبر آهن، پي ٽي آءِ جي سني اتحاد ڪائونسل ۾ 84 جڏهن ته ٻه آزاد اميدوار بئريسٽر گوهر ۽ عمر ايوب آهن. مخالف ڌر جي اتحاد ۾ جي يو آءِ (ف) کي 8، بي اين پي منگل کي هڪ، ايم ڊبليو هڪ ، پي ڪي ميپ جي هڪ سيٽ آهي، پي ٽي آءِ کي جيڪڏهن سموريون مخصوص سيٽون ملن ٿيون ته پوءِ پي ٽي آءِ ميمبرن جو انگ 109 ٿي سگهن ٿيون، مخصوص سيٽون جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي مليون ته اپوزيشن اتحاد 120 ميمبرن تي مشتمل ٿي ويندو. جڏهن ته 6 ٻيا ميمبر آزاد حيثيت ۾ اسيمبلي اندر موجود آهن، قومي اسيمبلي ۾ حڪمران اتحاد جو انگ 209 آهي، جنهن ۾ مسلم ليگ ن جي ميمبرن جو انگ 108 ۽ پيپلز پارٽي جي ميمبرن جو انگ 68 آهي. ان کان علاوه ايم ڪيو ايم جا 21 ميمبر به حڪومتي اتحاد ۾ شامل آهن جڏهن ته هڪ اقليتي سيٽ به معطل آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ پاڪستان مسلم ليگ ق کي 5، آءِ پي پي کي 4، مسلم ليگ ضياءَ کي هڪ، بلوچستان عوامي پارٽي کي هڪ ۽ نيشنل پارٽي وٽ هڪ سيٽ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.