سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حڪومت کي ڪو خطرو ناهي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد (م ڊ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي کي سياسي قرار ڏيندي چيو ته رليف سني اتحاد ڪائونسل گهرڻ وئي هئي پر عدالت پي ٽي آءِ کي ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو  ته  حڪومت کي ڪو خطرو ناهي، اسان وٽ اڃا به 209 ميمبرن جي اڪثريت آهي، اڄ به اهي سينيٽرز جيڪي سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان آزاد ڊڪليئر ٿيا اهي آزاد ئي لکيل آهن. آزاد ميمبرن پنهنجي منشا سان چيو ته هو سني اتحاد ڪائونسل مان آهن، آزاد ميمبرن پاڻ لکي ڏنو ته هو آزاد حيثيت ۾ چونڊيا ۽ سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ٻڌڻي ۾ سامهون آيو ته سني اتحاد ڪائونسل ۾ اقليتون شامل نٿيون ٿي سگهن ته شايد اهو رستو بڻايو ويو، سپريم ڪورٽ ۾ ڪڏهن 80 ماڻهو اچي نه بيٺا ته اهي پي ٽي آءِ جا آهن ۽ سني اتحاد ۾ شامل ڇو ٿيڻو پيو، انهن 80 ميمبرن چيو ته هو سني اتحاد ڪائونسل جا آهن ۽ اها ئي سندن سڃاڻپ آهي. هن چيو ته هاڻي ڳالهه آئيني تشريح کان اڳتي نڪري وئي آهي، آئين جي آرٽيڪل 51 کي ٻيهر لکيو ويو آهي، وفاقي حڪومت ان تي اپيل ڪندي يا نه اهو فيصلو ڪابينا ڪندي، قانون واري وزير طور نظرثاني تي پنهنجي راءِ جو حق رکان ٿو، اتحادي پارٽين کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اهي نظرثاني داخل ڪن ٿا يا نه. هن چيو ته ججز جي احتساب سميت گهڻن سڌارن جي ضرورت آهي، هڪ جج هڪ ڏينهن ۾ 35، 45 ڪيسز جو فيصلو ڪري، ٻيو نه ڪري ته ڇا اهو مس ڪنڊڪٽ ناهي؟ جج جو فرض آهي ته عام ماڻهو جنهن لاءِ نظام بيهاريو ويو آهي ان تي ڌيان ڏئي، سڄو رجحان سياسي پارٽين طرف آهي. هن چيو ته اڄوڪو فيصلو سياسي آهي، فيصلا آئين ۽ قانون موجب ٿيڻ گهرجن، جيڪو گهريو ئي نه ويو هجي عدالت اهو فيصلو ڪري ته اهو تڪليف ڏيندڙ آهي، عدالت کان رليف سني اتحاد ڪائونسل گهرڻ وئي هئي پر پي ٽي آءِ کي ڏنو ويو، ڪيس ۾ پي ٽي آءِ نه درخواست گذار هئي  نه هنن رليف گهريو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.