سپريم ڪورٽ پاران عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي عورتن ۽ اقليتن  جون مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 13 رڪني لارجر بئنچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو. سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ فل ڪورٽ جا ٻه اجلاس پڻ ڪوٺايا ويا هئا. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي فيصلو 8 ججن جي اڪثريت جو فيصلو آهي جيڪو جسٽس منصور علي شاهه لکيو آهي. سپريم ڪورٽ جي ڪمري نمبر هڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير، اٽارني جنرل منصور اعواڻ ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي موجودگي ۾ ٻڌايو ويو. جسٽس منصور علي شاهه فيصلو ٻڌائيندي سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏنو ۽ چيو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آئين جي خلاف آهي، چونڊ نشان نه ملڻ ڪنهن سياسي پارٽي کي چونڊن کان نٿو روڪي، پي ٽي آءِ هڪ سياسي پارٽي هئي ۽ آهي. سپريم ڪورٽ عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ جي حقدار آهي، تحريڪ انصاف فيصلي جي 15 ڏينهن ۾ پنهنجي مخصوص ماڻهن جي سيٽن جي نالن جي لسٽ ڏئي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ ۾ مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏنيون وڃن. سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف کي پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ پي ٽي آءِ طور قرار ڏئي ڇڏيو ۽ سني اتحاد ڪائونسل جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. عدالت چيو ته ٻيا 41 اميدوار به 14 ڏينهن ۾ سرٽيفڪيٽ ڏئي سگهن ٿا ته هو سني اتحاد ڪائونسل جا اميدوار هئا، سني اتحاد ڪائونسل آئين موجب مخصوص سيٽون حاصل نٿي ڪري سگهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن 80 اميدوارن جي ڊيٽا گڏ ڪئي، چونڊ نشان ختم ٿيڻ سان ڪنهن پارٽي جو اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو حق ختم ناهي ٿيندو. جسٽس يحيٰ آفريدي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته تحريڪ انصاف پارٽي جي حيثيت ۾ مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ جي قانوني ۽ آئيني حقدار آهي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا چونڊيل ميمبر پي ٽي آءِ جو قسم نامو ڏين، جن اميدوارن سرٽيفڪيٽ ڏنا اهي تحريڪ انصاف جا آهن اهي ائين ئي رهندا، پي ٽي آءِ جي چونڊيل اميدوارن کي ڪنهن ٻي پارٽي يا آزاد اميدوار قرار نٿو ڏئي سگهجي. جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس اطهر من الله، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس منيب اختر، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشا ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس عرفان سعادت اڪثريتي فيصلو ٻڌايو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس امين الدين خان درخواستن جي مخالفت ڪئي جڏهن ته جسٽس يحيٰ آفريدي اختلافي نوٽ لکيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.