فيصلن جي غلط تشريح ناهي ڪئي، پي ٽي آءِ کي سيٽون ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن بابت  سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ۾ چيو آهي ته اداري ڪنهن به فيصلي جي غلط تشريح ناهي ڪئي، 41 ميمبرن کي آزاد اميدوار ڊڪليئر ڪرڻ جي قانون ۾ ڪائي گنجائش نه آهي. اليڪشن ڪميشن ڪڏهن ناهي  چيو ته پي ٽي آءِ سياسي پارٽي نه آهي. پي ٽي آءِ سياسي پارٽين جي لسٽ ۾ شامل آهي، پي ٽي آءِ جو نالو سياسي پارٽي طور اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي پڻ موجود آهي. اليڪشن ڪميشن موجب ڪميشن ڪنهن به فيصلي جي غلط تشريح ناهي ڪئي، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي کي غلط قرار ڏنو آهي. انٽرا پارٽي اليڪشن تي پي ٽي آءِ مختلف فورمز تي وئي پر اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي برقرار رکيو ويو.  پي ٽي آءِ کان انٽرا پارٽي چونڊ درست نه هئڻ جي بنياد تي بيٽ جو نشان واپس ورتو ويو.  اليڪشن ڪميشن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ 39 ميمبرن کي پي ٽي آءِ جو ايم اين اي قرار ڏنو ويو آهي،  ڪنهن به پارٽي جو اميدوار ٿيڻ لاءِ پارٽي ٽڪيٽ ۽ ڊڪليئريشن آر او وٽ جمع ڪرائڻ ضروري آهي، انهن اميدوارن آر او کي پارٽي ٽڪيٽ ۽ ڊڪليئريشن جمع نه ڪرائي هئي، ريٽرننگ آفيسرن لاءِ کين پارٽي اميدوار ڊڪليئر ڪرڻ ممڪن نه هو. اليڪشن ڪميشن مطابق جن 41 اميدوارن کي آزاد ڊڪليئر ڪيو ويو، انهن نامزدگي ڪاغذن ۾ پي ٽي آءِ جو ذڪر نه ڪيو، انهن ميمبرن نه پارٽي سان واسطو ظاهر ڪيو، نه ئي پارٽي ٽڪيٽ جمع ڪرائي، جنهن جي ڪري ريٽرننگ آفيسرن انهن 41 ميمبرن کي آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني، چونڊ کٽڻ کانپوءِ ٽن ڏينهن اندر انهن ايم اين ايز سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي.41 ميمبرن کي آزاد اميدوار ڊڪليئر ڪرڻ جي قانون ۾ ڪائي گنجائش نه آهي، سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل اپيل داخل ڪئي هئي، جيڪا رد ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن موجب پي ٽي آءِ نه اليڪشن ڪميشن ۾ ڌر هئي، نه ئي پشاور هاءِ ڪورٽ جي آڏو ڌر هئي، پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ ۾ به ڌر نه هئي، پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.