ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دبئي کان ڪولمبو ويندڙ فلاءِ دبئي جي ڪراچي ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ دوران بنا ارادي جي پاڪستان پهچڻ تي اڏام ۾ موجود اسرائيلي شهري پريشان ٿي ويا.
سول ايوي ايشن اٿارٽي موجب پرڏيهي ايئرلائين 10 جولاءِ تي مسافر جي طبعيت خراب ٿيڻ تي هنگامي لينڊنگ جي اجازت گهري هئي.
ميڊيڪل ايمرجنسي لينڊنگ ڪندڙ اڏام ۾ اسرائيلي شهرين جي موجودگي جي ڄاڻ ناهي. اڏام ۾ موجود سريلنڪن عورت جي طبعيت خراب ٿي هئي، طبعيت خراب ٿيڻ تي هو اڏام دوران ئي لاڏاڻو ڪري وئي هئي.
ڊاڪٽر طرفان موت جي تصديق کانپوءِ مڙهه سرد خاني منتقل ڪيو ويو، فلاءِ دبئي جي جهاز مان ڪو مسافر ٻاهر نه آيو هو، ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تي فلاءِ دبئي جي جهاز کي ڪولمبو لاءِ روانو ڪيو ويو هو.
ذريعن موجب اڏام ۾ 2 اسرائيلي شهري سوار هئا. اسرائيلي شهرين ڪولمبو پهچي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ۾ پاڪستان وڃڻ جو ٻڌايو.
Next Post
You might also like