اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي کي سياسي قرار ڏيندي چيو آهي ته رليف سني اتحاد ڪائونسل وٺڻ وئي هئي پر عدالت پي ٽي آءِ کي ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قانون واري وزير نذير تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان حڪومت کي ڪو به خطرو ناهي، اسان وٽ هاڻي به 209 ميمبرن جي اڪثريت آهي.
هن چيوته اڄ به اِهي سينيٽرز جيڪي سپريم ڪورٽ جي فيصلي ذريعي آزاد ڊڪليئر ٿيا اِهي آزاد ئي لکيل آهن، آزاد ميمبر بنا پنهنجي رضا خوشي سان چيو ته هو سني اتحاد ڪائونسل جا ميمبر آهن، آزاد ميمبرن پاڻ لکي ڏنو ته هو آزاد حيثيت ۾ چونڊيا ويا ۽ سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي.
هن چيو ته ٻڌڻي دوران اِها ڳالهه سامهون آئي ته سني اتحاد ڪائونسل ۾ اقليتي ميمبر شامل نه ٿا ٿي سگهن انڪري شايد اِهو رستو ٺاهيو ويو، سپريم ڪورٽ ڪڏهن به 80 ماڻهن اچي ناهي چيو ته سندن واسطو پي ٽي آءِ سان آهي ۽ سني اتحاد ڪائونسل ۾ ڇو شامل ٿيا، انهن ميمبرن چيو ته هو سني اتحاد ڪائونسل جا آهن اِها ئي سندن سڃاڻپ آهي.
وفاقي وزير چيو ته آئين جي تشريح جو عدالت جو اختيار آهي ته پر هاڻ ڳالهه آئيني تشريح کان اڳتي نڪري وئي آهي، آئين جي آرٽيڪل 51 کي ٻيهر لکيو ويو آهي، قانون جي شاگرد طور عدالت جي وقار کي ڌيان ۾ رکندس، وفاقي حڪومت ان تي اپيل ڪندي يا نه اِهو فيصلو ڪابينا ڪندي، قانون واري وزير طور نظرثاني تي پنهنجي راءِ محفوظ رکان ٿو، اتحادي جماعتن کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هو نظرثاني درخواست داخل ڪرڻي آهي يانه.
victory PTI SupremeCourt reservedseatsCase GOVT