کِلڻ جا 8 دنگ ڪري ڇڏيندڙ فائدا

ڇا اوهان کي خبرآهي ته سڄي ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا کِلڻ يا مُرڪڻ مزاج کي خوشگوار ته بڻايندو ئي آهي پر ان سان گڏوگڏ صحت کي به بهتر بڻائيندو آهي؟

جي ها واقعي تحقيقي رپورٽن ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته ڄم کان ئي کِلڻ اسان جي صحت ۽ شخصيت جي حوالي سان مک ڪردار ادا ڪندو آهي.

مثال جي طور تي اپريل 2022ع ۾ آڪسفورڊ آڪيڊمڪ جرنل ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو گهو ته کِلڻ ننڍن ٻارن لاءِ سماجي لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ اهم هوندو آهي.

هڪ ٻي تحقيق موجب کِلڻ ٻارن جي جسماني واڌ ويجهه لاءِ به اهم هوندو آهي.

وڌيڪ سٺي ڳالهه اها آهي ته کِلڻ لاءِ ڪو به خرچ ناهي ڪرڻو پوندو.

تنهنڪري کِلڻ جا اُهي فائدا ڄاڻو جيڪي کي دنگ ڪري ڇڏيندا.

دٻاءُ گھٽجندو آهي

ڪنهن به سبب جي ڪري مايوسي، ذهني دٻاءُ يا پريشان ٿئي ته رڳو کِلڻ کي عادت بڻائڻ زندگي کي خوشگوار بڻائي سگھي ٿو.

حقيقت ۾ رڳو کِلڻ جي اداڪاري ڪرڻ به مزاج تي خوشگوار اثر وجهي سگھي ٿو.

آمريڪا جي اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته کِلڻ يا رڳو چپن کي ڪنن ڏانهن ڇڪڻ سان به ماڻهن جي اندر خوشي جي لهڙ دوڙي پوندي آهي ۽ دٻاءُ گھٽجي ويندو آهي.

Pepperdine يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويوآهي ته کِلڻ سان جسم ۾ ڪورٽيسول نالي هارمون جي سطح گھٽبي آهي جنهن سان دٻاءُ به گھٽجي ويندو آهي.

واضح رهي ته ڪورٽيسول اهو هارمون آهي جنهن جي سطح ۾ اضافي سان دٻاءُ وڌندو آهي.

ذهني صحت بهتر ٿيندي آهي

دٻاءَ کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ذهني صحت کي بهتر بڻائيندو آهي پر ان سان گڏوگڏ کِلڻ سان دماغي فعل ۽ صحت به بهتر ٿيندي آهي.

ماهرن موجب کِلڻ سان دماغي سرگرمين ۾ نمايان اضافو ٿيندو آهي جنهن سان دماغ فعلن بهتر ٿيندا آهن ۽ مختلف مرضن جهڙو ڊپريشن جو خطرو گھٽجي ويندو آهي.

تڪليف جو احساس گھٽ ٿينيدو آهي

هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته کِلڻ سور ۾ گھٽتائي آڻڻ جو قدرتي طريقو آهي.

ماهرن موجب کِلڻ سان اسان جي جسم جي تڪليف برداشت ڪرڻ جي صلاحيت بهتر ٿي ويندي آهي.

ورزش کان گھٽ نه آهي

تحقيقي رپورٽن ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته ڏينهن ۾ رڳو 10 کان 15 منٽن تائين کلڻ سان 40 ڪيلوريز سڙي وينديون آهن، اهو انگ 30 منٽن تائين تيز پنڌ ڪرڻ سان سڙندڙ ڪيلوريز جي برابر آهي.

2022ع جي هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته لافنگ يوگا پروگرام جو حصو بڻجندڙن جو جسماني وزن 12 هفتن ۾ نمايان حد تائين گھٽجي ويندو آهي جڏهن ته دٻاءَ کان بچڻ ۾ به مدد ملندي آهي.

ڦڦڙ مضبوط ٿيندا آهن

هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو اهي ته کِلڻ سان ڦڦرن جي گنجائش وڌندي آهي ۽ جسم کي آڪسيجن سان ڀرپور هوا ملندي آهي.

ماهرن موجب کِلڻ سان جسم ۾ immunoglobulin A نالي اينٽي باڊي خارج ٿيڻ وڌي ويندو آهي جيڪو ساهه کڻڻ جي نظام جي مختلف مرضن سان وڙهڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي.

مدافعتي نظام بهتر ٿيندو آهي

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته کِلڻ کان پوءِ جسم ۾ مدافعتي جيوگھرڙن جي انگ ۾ 12 ڪلاڪن لاءِ واڌ ٿيندي آهي.

اهڙيءَ طرح کِلڻ سان دٻاءَ ۾ گھٽتائي ايندي آهي جنهن سان به مدافعتي نظام جا فعل بهتر ٿيندا آهن.

دل جي صحت کي بهتر بڻائڻ ممڪن

تحقيقي رپورٽن ۾ دريافت ڪيو ويو ته گھڻو کِلڻ سان دل جي مرضن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو گھٽ هوندو آهي.

کِلڻ سان رت ۾ آڪسيجن جو مقدار وڌندو آهي ۽ رت جو دورو بهتر ٿيندو آهي جڏهن ته بلڊ پريشر به گھٽبو آهي، جنهن سان دل جي مرضن کان بچڻ ۾ مدد ملندي آهي.

هاضمي جو نظام به صحتمند ٿيندو آهي

تحقيقي رپورٽن مان ثابت ٿيو آهي ته انزائٽي ۽ ڪاوڙ سان هاضمي جي نظام جي مرضن جو خطرو وڌندو آهي.

پر کِلڻ سان جذباتي دٻاءَ گھٽبو آهي ۽ ڪاوڙ يا انزائٽي جون جسماني علامتون جهرو هاضمي جي نظام جي مرضن کان بچڻ ۾ مدد ملندي آهي.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي،ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به ضرور مشورو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.