جيتوڻيڪ بادام جو کير ۽ ڳئون يا مينهن جي کير جو متبادل ته نٿو ٿي سگھي پر ماهرن طرفان ان جا به ڪجهه فائدا بيان ڪيا ويا آهن جيڪي ڄاڻي اوهان ان کي پنهنجي خوراڪ جو باقاعدا حصو بڻائي ڇڏيندئو.
رپورٽ موجب ماهرن جو چوڻ آهي ته بادام جي کير ۾ عام کير جي ڀيٽ ۾ ڪيلوريز تمام گھٽ هونديون آهن. عام کير جي هڪ ڪوپ ۾ 122 جڏهن ته بادام جي کير ۾ 37 ڪيلوريز هونديون آهن.
عام کير جي هڪ ڪوپ ۾ 12 گرام ڪاربوهائڊريٽس، 12 گرام شگر، 8 گرام پروٽين، 5 گرام سڻڀ، 3 گرام سيچوريٽڊ سڻڀ، 96 ملي گرام سوڊيم، 390 ملي گرام پوٽاشيم، 309 ملي گرام ڪيلشيم، 1 گرام وٽامن اي ۽ 3 ايم سي جي وٽامن ڊي هوندو آهي.
ان جي ابتڙ بادام جي کير جي هڪ ڪوپ ۾ 1 گرام ڪاربوهائڊريٽس، 0 گرام شگر، 1 گرام پروٽين، 3 گرام سڻڀ، 0 گرام سيچوريٽڊ سڻڀ، 146 گرام سوڊيم، 76 ملي گرام پوٽاشيم، 422 ملي گرام ڪيلشيم، 8 گرام وٽامن اي ۽ 2 ايم سي جي وٽامن هوندو آهي.
ماهرن موجب بادام جو تيل وٽامن اي جي ججهي مقدار جي ڪري اينٽي آڪسيڊنت هوندو آهي ۽ دل جي بيمارين کان بچائيندو آهي. اهو وزن گھٽائڻ ۾ مددگار هوندو آهي. هڏن جي صحت لاءِ فائديمند هوندو آهي. بلڊ شگر کي مستحڪم ڪندو آهي. اکين جي نور کي بهتر بڻائيندو آهي.
انهن فائدن سان گڏ بادام جي کير جا ڪجهه نقصان به آهن جن ۾ ڏند خراب ٿيڻ به شامل آهي. ماهرن موجب بادام جو کير گھڻو پيئڻ سان ڏندن ۾ ماڪوڙي جو خطرو وڌي ويندو آهي. ڄاڻايل فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن اوهان بادام جو کير پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان کي بنائڻ جو طريقو به ڄاڻي وٺو.
بادام جو کير بڻائڻ لاءِ رات جو بادامن کي ڀڄائي رکي ڇڏيو ۽ صبح انهن کي سٺي طرح گرائينڊ ڪري آميزي کي ڇاڻي وٺو. اوهان جو بادامن جو کير تيار آهي.
Prev Post
You might also like