ڇا چانور کائڻ سان وزن وڌي ٿو، ماهر ڇا ٿا چون؟

وزن گھٽائڻ جي خواهشمند ماڻهن جو وڏو انگ ان غلط فهمي ۾ مبتلا رهندو آهي ته چانور کائڻ سان وزن وڌندوآهي جڏهن ته ٻيا ماڻهو سمجهندا آهن ته چانورن جي استعمال سان شگر جي شڪايت ٿي ويندي آهي.
چانور پاڪستان سوڌو ڏکڻ ايشيا ۾ ماڻهن جي بنيادي ۽ اهم خوراڪ آهي جنهن کي گھڻو استعمال ڪيو ويندو آهي.
چانور جي 100 گرام ۾ 242 ڪيلوريز، 0.4 گرام فيٽ، 53.4 گرام ڪاربوهائڊريٽس ۽ پروٽين 4.4 گرام هوندو آهي جڏهن ته ان ۾ وٽامنز ۽ منرلز ناهن هوندا.
طبي ماهرن موجب چانور کائڻ ۾ ڪو به مسئلو ناهي پر چانورن جو ڪيترو استعمال ڪيو پيو وڃي، اها ڳالهه وڌيڪ اهميت رکي ٿي.
هڪ نئين تحقيق کان پوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته چانور کائڻ سان نه ته وزن وڌندو آهي ۽ نه ئي چانور ٻين عارضن جهڙوڪ شگر جو سبب بڻبا آهن پر چانورن کي گھڻو ڪري پروٽين سان ڀرپور غذائن دال، ڦرين، گوشت، مڇي ۽ ڀاڄين سان گڏ کاڌا ويندا وڃن ته گھڻا فائديمند جلد هضم ٿيندڙ ۽ صحت بخش غذا آهي.
طبي ماهرن جو چانورن جي استعمال بابت چوڻ آهي ته چانور انهن ماڻهن لاءِ گھڻا اهم آهن جيڪي وٽامن بي 12، هيموگلوبين ۽ وٽامن ڊي جي کوٽ جو شڪار هوندا آهن، اهو چئي چانورن کي خوراڪ مان ڪڍڻ ته ان سان وزن وڌندو آهي بلڪل غلط آهي.
طبي ماهرن موجب چانورن کي خوراڪ مان بلڪل ختم ڪري ڇڏڻ ۽ ان عمل کي صحتمند سمجهڻ ۾ هڪ سيڪڙو به سچائي ناهي، چانورن جو استعمال ورزش جي ڪارڪدگي کي وڌائيندو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ چانورن ۾ ماني جي ڀيٽ ۾ گھٽ فائبر هوندو آهي پر چانور انساني معدي لاءِ فائبر جو ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ اهي قبض ختم ڪندڙ غذا آهن.
ٻي پاسي جاپان ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته جن ملڪن ۾ چانور گھڻا کاڌا ويندا آهن انهن ملڪن ۾ ٿولهه جي شرح گھٽ هوندي آهي.
ان تحقيق دوران 136 کان ملڪن ۾ چانور جي استعمال سوڌو ڪيلوريز جي استعمال جي شرح جو به تجزيو ڪيو ويو جڏهن ته جسماني وزن جي ڊيٽا کي به ڏٺو ويو، تحقيق جي نتيجن مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته چانورن جو گھڻو استعمال ڪندڙ ملڪن ۾ ٿولهه جي شرح اولهه ملڪن کان گھٽ آهي جتي گھٽ چانور کاڌا ويندا آهن.
طبي ماهرن موجب ڪنٽرول ۾ رهي ڪري چانورن کي دالين، گوشت ۽ ڀاڄين سان گڏ کائڻ ئي فائديمند عمل آهي جڏهن ته چانورن جو گھڻو استعمال شگر ۽ ميٽابولڪ سينڊروم جو خطرو وڌائي ڇڏيندو آهي.
ان تحقيق ۾ پهريون ڀيرو اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته اڇن چانورن ۽ پاستا ۾ ٿولهه کان تحفظ ڏيندڙ ڪاربوهائڊريٽس هوندا آهن ۽ سادن چانورن کي استعمال سان ٿولهه کان تحفظ ۾ مدد ملندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.