روز پنهنجا ڪن مهٽڻ سان ڇا ٿئي ٿو؟

ڪنهن به ماڻهو کان پڇجي ته ان جي لاءِ ڪي نه ڪي مسئلا ضرور هوندا آهن، مثال طور ڪا پريشاني، ذهني دٻاءُ مٿي جو سور ۽ ٿڪاوٽ، اڄ ڪلهه مهانگائي ماڻهن جون پريشانيون وڌائي ڇڏيون آهن ۽ مٿي ۾ سور پوڻ عام ٿي ويو آهي.

ڪجهه سهڻا ۽ سولا طريقا آهن جن سان انهن کان بچڻ ممڪن آهي، مثال طور پنهنجي ڪن جو مساج ڪرڻ.

ڪن کي مهٽڻ عام لڳي ٿو ته پر هي اوهان کي رليز ڪري ٿو ۽ اوهان جي ذهن مسئلن کان ڇوٽڪارو ۽ جسماني تڪليفن کان به بچائي ٿو.

سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته اوهان ڪٿي به ڪنهن به مهل پنهنجي ڪنن جو مساج ڪري سگهو ٿا.

اسان هميشا اها ڪوشش ڪندا آهيون فائديمند شيون ٻڌايون وڃن ۽ هن ڀيري مساج جي حوالي سان اوهان کي ٻڌائينداسين.

ڪن جي مساج جي حوالي سان تجربو به ڪيو ويو هو ۽ ڏٺو ويو ته ان سان ڪهڙو فرق پئجي سگهي ٿو.

ان تجربي ۾ ڪنن کي مهٽڻ جي هڪ طريقيڪار تي زور ڏنو جنهن سان اوهان تڪليف گهٽائي سگهو ٿا.

ڪنن ۾ ڪيتريون ئي سنهڙيون رڳون به هونديون آهن ڪنن کي مختلف هنڌن تي نرمي سان مهٽجي ۽ ڇڪجي جنهن سان دماغ مان انڊورفنس هارمون خارج ٿيندو آهي.

هي هارمون اسان کي سٺو محسوس ڪرڻ ۽ تڪليف ۾ سڪون ڏيڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

هن عمل سان توهان جي رت جي رواني به بهتر ٿي ويندي آهي.

تجربا ٻڌائين ٿا ته سادڙي مساج سان جسماني تڪليف کي بهتر ڪرڻ ۽ يا سور گهٽائڻ ۾ به مدد ملي ٿي.

ڪنن کي مهٽڻ سان اوهان جو مٿو جو سور گهٽجي سگهي ٿو جڏهن ته اوهان وزن گهٽائڻ جي قابل به بڻجي سگهو ٿا.

ننڊ ڪرڻ کان اڳ ڪنن جو مساج ڪجي ته اوهان کي سٺي ننڊ به ايندي ۽ اوهان ننڊ جون گوريون کائڻ به ڇڏي ڏيندا.

هي عمل اوهان جي توانائي کي ٻيهر تيار ڪري ٿو ڪڏهن ڪڏهن چانهه يا ڪافي به ائين ناهي ڪري سگهندي.

جيڪڏهن اوهان کي ڏکيائي ٿئي ته ڪنهن ٻئي کان پنهنجي ڪن جو مساج ڪرايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.