نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي مانيٽرنگ ٽيم جو چوڻ آهي ته افغانستان جو سڀ کان وڏو دهشتگرد گروپ بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان آهي.
يو اين منيٽرنگ گروپ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته افغان طالبان طرفان تحريڪ طالبان پاڪستان جي حمايت ۾ واڌ ٿي آهي، ٽي ٽي پي کي افغان طالبان ۽ القاعده جي ڌڙن جي آپريشنل ۽ لاجسٽڪ سپورٽ حاصل آهي.
رپورٽ موجب افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جا 6 هزار کان ساڍا 6 هزار جنگجو موجود آهن، افغان طالبان ٽي ٽي پي جي خطري کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام آهن يا وري اهڙو ارادو نٿا رکن.
يو اين گروپ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته افغان طالبان ٽي ٽي پي کي دهشتگرد گروپ تصور نٿا ڪن، سندن وچ ۾ ويجها لاڳاپا آهن.
ٽي ٽي پي وارا افغانستان مان پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ڪن ٿا، ٽي ٽي پي وارا پاڪستان ۾ ڪاررواين لاءِ افغانين کي استعمال ڪن ٿا.
مانيٽرنگ گروپ جي رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته ٽي ٽي پي لاڳيتو پاڪستان خلاف حملن جو انگ وڌائي ٿي، ٽي ٽي پي جا ماڻهو مقامي ويڙهاڪن سان القاعده ڪيمپن ۾ تربيت وٺي رهيا آهن، القاعده جي وڌندڙ حمايت سان ٽي ٽي پي خطي جي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي.
Prev Post
You might also like