لاهور (بيورو) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عاليه نيلم پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي، جنهن کانپوءِ هوءَ لاهور هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس بڻجي وئي آهي. حلف برداري جي تقريب ڪالهه گورنر هائوس لاهور ۾ ٿي، جتي پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس عاليه نيلم کان حلف ورتو. جسٽس عاليه نيلم 2013 ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج ۽ 2015 ۾ مستقل جج طور مقرر ٿي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن پنجاب صوبي جي سڀ کان وڏي عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور جسٽس عاليه نيلم جي نالي جي منظوري ڏني هئي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي 150 سالن جي تاريخ ۾ رڳو عورتون جج بڻيون آهن پر انهن مان جسٽس عاليه نيلم پهرين عورت آهي، جنهن کي چيف جسٽس بڻجڻ جو اعزاز مليو آهي. هن وقت تائين پنج عورتون لاهور هاءِ ڪورٽ جون جج بڻجي چڪيون آهن.