اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته زرعي انڪم ٽيڪس تي صوبائي ناڻي وارن وزيرن جي مهرباني، فوج کي پنهنجو سمورو سروس اسٽرڪچر تبديل ڪرڻو پوندو. سيد نويد قمر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته گذريل مالي سال دوران ملڪي اقتصادي صورتحال بهتر رهي آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا به مستحڪم رهيا آهن. محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام 2023ع ۾ دير جو شڪار ٿيو، جنهن سبب پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا ۽ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي. هن چيو ته ميڪرو اڪنامڪ صورتحال جي بهتري لاءِ عالمي ادارا به سهڪار ڪن ٿا. ناڻي واري وزير چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به عروج ڏٺو ويو آهي، هن وقت ملڪ جا مجموعي معاشي اشارا هاڪارا آهن. محمد اورنگزيب چيو ته نگران حڪومت دوران انتظامي قدم کنيا ويا، هن وقت ڪنهن به شيءِ تي مصنوعي ڪنٽرول ناهي ڪيو ويو. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي 9 سيڪڙو جي شرح سان ملڪ نٿو هلي سگهي، ان شرح کي وڌائي 13 سيڪڙو ڪنداسين. هن چيو ته سمورا شعبا ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر ڏسڻ چاهين ٿا پر ڪو به پاڻ کي پهرين ڏکي صورتحال ۾ وجهڻ نٿو چاهي. هن چيو ته جون تائين 52 ارب رپين جا ريفنڊ جاري ڪيا ويا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته زرعي انڪم ٽيڪس تي صوبائي ناڻي واري وزير جو شڪر گذار آهيان، اسان سڀني کي فائلر بڻائڻو آهي، سڀني کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻينداسين، آءِ ايم ايف حقيقي آمدني تي ٽيڪس چاهي ٿو جيڪو درست آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ايف بي آر تي عوام جو اعتماد وڌندو، آءِ ايم ايف تخميني ٽيڪس بدران اصل آمدني تي ٽيڪس گهري رهيو آهي، اسان ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته فوج کي پنهنجو سمورو سروس ڍانچو تبديل ڪرڻو پوندو، ان لاءِ کين هڪ سال وڌيڪ ڏنو ويندو، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ 5 وزارتون ختم ڪيون وينديون، پي ڊبليو ڊي کي ان جي نقصان جو ازالو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ هاڪاري اڳڀرائي ٿي رهي آهي، معاهدو هلندڙ مهيني ئي ٿي ويندو.