بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف مظاهرا، فيصلو مهيني لاءِ معطل

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ۾ سرڪاري ملازمتن ۾ ڪوٽا سسٽم ٻيهر لاڳو ٿيڻ خلاف هزارين شاگردن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جنهن  کانپوءِ عدالت فيصلو هڪ مهيني لاءِ معطل ڪري ڇڏيو آهي. سرڪاري ملازمتن جو 56 سيڪڙو حصو ڪوٽا ۾ هليو ويندو آهي، اهڙو فيصلو 2018 ۾ شاگردن جي مظاهرن کانپوءِ حڪومت معطل ڪيو هو، جون ۾ ڍاڪا هاءِ ڪورٽ ڪوٽا کي ٻيهر بحال ڪيو ته سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو هڪ مهيني لاءِ معطل ڪري ڇڏيو آهي. شاگردن جو چوڻ آهي ته ڪوٽا سسٽم جي مڪمل رد ٿيڻ تائين احتجاجي مظاهرا جاري رکيا ويندا. خيال رهي ته سرڪاري ملازمتن ۾ 30 سيڪڙو حصو آزادي جي هيروز جي ٻارن لاءِ رکيل آهي، هي اهي ماڻهو آهن جن 1971 ۾ بنگلاديش جي آزادي جي جنگ وڙهي هئي جڏهن ته 10 سيڪڙو ڪوٽا عورتن لاءِ ۽ 10 سيڪڙو مخصوص ضلعن لاءِ رکيو ويو هو. اقليتن ۽ معذورن لاءِ مجموعي طور 6 سيڪڙو ڪوٽا مقرر هو. شاگردن جو چوڻ هو ته معذورن کانسواءِ ٻيا سڀ ڪوٽا ختم ڪيا وڃن ۽ ميرٽ تي جايون ڏنيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.