سکر: ساوند، سندراڻي تڪرار جو نبيرو ڪندڙن خلاف درخواست داخل، ڌرين کان جواب طلب

سکر (رپورٽر) ساوند، سندراڻي تڪرار جي راڄوڻي نبيري خلاف وڪيل شبير شر پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ توهين عدالت واري درخواست داخل ڪرائي وئي آهي. وڪيل موقف اختيار ڪيو آهي ته حڪومتي  نوٽيفڪيشن موجب ديئت يا قصاص جي رقم 67 لک 57 هزار کان وڌيڪ آهي، ساوند سندراڻي تڪرار جي فيصلي ۾ 26 خونن جو في خون 20 لک روپيا معاوضو رکيو ويو آهي. اي آئي ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ سنڌ جي پهرين نوجوان پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن کي بچائڻ لاءِ هڪ ڪروڙ روپيا ڏنڊ لڳايو ويو. وڪيل موجب  سنڌ هاءِ ڪورٽ سال 2004 ۾ جرڳن تي پابندي لڳائي هئي ۽ جرڳا ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو حڪم جاري ڪيو هو. عدالت درخواست کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏيندي ڌرين کان 18 جولاءِ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.