مٺي:سنڌ جي ساڃاھ وندن موجب ته سنڌ حڪومت هر وقت ڪنهن نه ڪنهن بهاني عوامي ردعمل جانچڻ لاءِ ڪارونجهر تي مائننگ جو شوشو ڇڏي وري هٿ کڻي ويندي آهي جيڪو عمل وڏو خطرناڪ آهي،پ پ حڪومت جي ڪنهن به واعدي تي عوام يقين نه ٿو ڪري،هي ايترا سچا آهن ته سنڌاسيمبلي مان ڪارونجهر کي ثقافتي ورثو قرار ڏيارين،سنڌ ڪابينا واضع طور پنهنجو ڪو به موقف نه ٿي رکي،هنن جي اندر ۾ اڃان به ٻي فوبيا آهي،سنڌ جو عوام هنن جي ڊرامن کي سمجهي ٿو،اُنهي ڪري هي حُڪمران اگر سچا آهن ته ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏياري معاملي کي ختم ڪن.