سول سوسائٽي تنظيمن پاران 19 جولاءِ تي پريا ڪماري لاءِ احتجاج جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) سول سوسائٽي سان لاڳاپيل مختلف تنظيمن ايڇ آر سي پي، پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي، عورت مارچ، منارٽي  رائيٽس مارچ، ڊبليو ڊي ايف، وومن ڊيموڪريٽڪ فرنٽ، پوج ھندو پنچائت سکر، آل ليڊي ھيلٿ ورڪر يونين پروگرام سميت ٻين  پاران سنڌ پوليس جي بي عمليءَ خلاف 19 ھين جولاءِ 2024ع تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آھي. ايڇ آر سي پي ڪراچي آفيس ۾ اسد اقبال بٽ جي صدارت ھيٺ هڪ هنگامي اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ سنڌ پوليس جي ناڪاميءَ تي بحث ڪيو ويو ته اها معصوم نينگري پريا ڪمار کي واپس ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي آھي. پريا ڪمار کي 19 آگسٽ 2021 تي ضلعي سکر جي علائقي سنگرار مان اغوا ڪيو ويو ھو، جڏهن ته هوءَ 10 محرم تي عاشوري جي جلوس ۾ شرڪت ڪندڙن کي سبيل پياري رھي ھئي. اجلاس ۾ مختلف سول سوسائٽيءَ جون تنظيمون ۽ انساني حقن جا ڪارڪن شريڪ ٿيا. انھيءَ موقعي تي شرڪت ڪندڙن چيو ته اسان سخت مايوس ٿيا آهيون ته سنڌ پوليس جي سينيئر آفيسرن تي ٻڌل گهٽ ۾ گهٽ ٻن جي آءِ ٽيز ٺهڻ جي باوجود پريا ڪمار جي ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي ۽ سندس اغوا ٿيڻ کي ٽي سال مڪمل ٿيا آھن، ان باوجود به سندس ڪابه خبر ناهي، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي آفيسرن پاران پريا جي ڪيس کي خراب ڪرڻ سميت عوامي پريشر کي گھٽائڻ لاءِ سندس جي والدين تي الزام هڻڻ ۽ انهن جي عزيزن کي هراسان ڪرڻ کان وٺي مختلف ڌرين جي ملوث هجڻ جي دعويٰ ڪرڻ کان سواءِ پريا کي واپس ڪرائڻ لاءِ ڪا به ٺوس اڳڀرائي ناھي ڏيکاري وئي. ڊان اخبار جي 31 مئي 2024 جي رپورٽ ۾ ڊي آءِ جي پير محمد شاهه پنھنجي ڏنل بيان ۾ دعويٰ ڪئي ته سنڌ پوليس مبينا طور تي پريا ڪمار جو سراغ حاصل ڪري ورتو آهي، ۽ هوءَ جلد پنهنجي خاندان سان گڏ ھوندي، ۽ اهڙوئي بيان 26 جون 2024ع تي گهرو  وزير ضياءَ الحسن لنجار پاران ڏنو ويو ته پريا ڪماري زندھ آھي ۽ ان جو پتو لڳائي چڪا آهيون، هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذرڻ کان پوءِ به نه ته ڊي آءِ جي ۽ نه ئي ڪو ٻيو آفيسر پنهنجي دعويٰ جي تصديق لاءِ ڪو ٺوس ثبوت مھيا ڪري سگهيو آهي. اهڙا بي حس بيان پريا جي والدين ۽ انهن سڀني متاثر ڌرين جي جذبن سان کيڏڻ برابر آهن، جيڪي پريا جي قسمت بابت پريشان آهن. اسان کي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي پريا ڪمار جهڙين معصوم ڇوڪرين جي اغوا کي روڪڻ ۾ ناڪامي تي سخت ڳڻتي آھي. هن وقت سنڌ پوليس پاران پريا جي والدين کي زباني يقين ڏياريو ويو آهي ته هوءَ 10 محرم يعني 17 جولاءِ 2024ع  تائين ان  کي واپس ڪرائيندا. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن متفقه طور تي فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ پوليس 17 جولاءِ 2024ع تائين پريا ڪمار کي واپس ڪرائڻ ۽ سندس والدين سان ملائڻ ۾ ناڪام وئي تھ سول سوسائٽي جون تنظيمون ۽ پريا جا والدين 19 جولاءِ 2024ع تي سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي بي عمليءَ خلاف  ڪراچي جي علائقي ٽن تلوارن تي ڀرپور احتجاج ڪندا، ڇاڪاڻ تھ پريا ڪماري جي بازيابي حڪومت جي ذميواري آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.