گهوٽڪي ۾ آءِ بي اي جو ڪئمپس منظور

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر) سنڌ ڪابينا موسمياتي تبديلي وارن گهرن جي تعمير لاءِ 20 هزار مسترين کي تربيت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي پاڪستان ٽوبيڪو بورڊ جي ميمبر طور انوار احمد پٺاڻ، ڊائريڪٽر ٽريننگ، ايگريڪلچر  ايڪسٽينشن سنڌ جي نالي جي منظوري ڏني وئي، ڪابينا سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي سي اي او سليم شيخ جي ڪانٽريڪٽ ۾ وڌيڪ ٽن سالن جي واڌ ڪري ڇڏي. ڪابينا جوائنٽ ڊائريڪٽر ليبر علي حسن راڄپر کي ليبر ويلفيئر ڪمشنر مقرر ڪرڻ جو  فيصلو ڪيو آهي.اهو فيصلو  ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ٿيو سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سردار شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي ھائوسنگ پروجيڪٽ جي حوالي سان عوام طرفان شڪايتون اچي رھيون ھُيون تھ انھن جا نالا شامل نھ ڪيا ويا آھن، پاڪ فوج، رينجرز ۽ نجي پارٽنرز سروي ڪيا ھُئا، جيڪي ٻوڏ متاثر رھجي ويا آھن اُنھن جي معلومات بھ گڏ ڪئي ويندي، جيڪي گھر تعمير کان رھجي ويا اُنھن جي مناسب چڪاس بعد تعمير جا حڪم جاري ڪيا ويا آھن، سنڌ سرڪار ٻوڏمتاثرن لاءِ 21 لک گھر ٺاھي رھي آھي، شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪابينا اجلاس ۾ راڻي باغ حيدرآباد لاءِ ماسٽر پلان جي منظوري ڏني وئي، مڪاني ادارن وارو کاتو پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت راڻي باغ کي بحال ڪرڻ جو خواھشمند آھي، ڪابينا اجلاس ۾ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري استادن جي ڀرتي جي منظوري ڏني وئي، ڪابينا فيصلو ڪيو تھ ڪا بھ گاڏي خريداري کانپوءِ سڀني کان پھرين رجسٽرڊ ٿيندي اُن کانپوءِ روڊن تي ايندي، اڳ ۾ جيڪو بھ شخص گاڏي خريد ڪندو ھو، سٺ ڏينھن ۾ گاڏي رجسٽرڊ ٿيندي ھُئي، ھاڻي ڪابھ گاڏي بنا رجسٽريشن جي روڊن تي ھلائي نھ سگھبي، ماڻھو اڳي ورھين تائين رجسٽريشن کانسواءِ ئي گاڏيون ھلائيندا ھُئا، ھاڻي ايئن نھ ٿيندو. ڪابينا منڇر ڍنڍ تي ۽ انڊس ھاءِ وي تي  پُلين جي اڏاوت جي منظوري ڏني وئي، اُنھن ٻنھي پُلين جي اڏاوت تي ٻھ ڏھائي ٽي بلين رُپيا خرچ ايندو، سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازمن جي ھيلٿ انشورنس اسٽيٽ لائيف ڪمپني کان ڪرائڻ جو بھ فيصلو ڪيو ويو، جڏھن تھ آءِ بي اي سکر جو ڪيمپس گھوٽڪي ۾ جوڙيو پيو وڃي، جنھن سان مقامي ماڻھن کي معياري تعليم ملي سگھندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.