ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ تين هٽي واري علائقي ۾ واقعي گلن واري گھٽي ۾ چوري جي ارادي سان آيل ڦورو تي دڪاندارن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار موقعي تي ئي مارجي ويو، جنهن کانپوءِ مارجي ويل ڦورو جي ساٿي ويجهي گھر ۾ داخل ٿي گھر وارن کي يرغمال بڻايو، فائرنگ جو آواز ٻڌڻ تي پي آءِ بي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، جڏهن ته جمشيد ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن ۽ پي آءِ بي جا ٻه اهلڪار شاهد لوڌي ۽ اويس به پهچي ويا. هنن بهادريءَ جو مظاهرو ڪندي گهر ۾ داخل ٿي مارجي ويل ڦورو ۽ زخمي ڦورو کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.