اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان بار حڪومت پاران انٽر سروس انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) کي ٽيلي فون ڪالز ٽيپ ڪرڻ جي اجازت وارو نوٽيفڪيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئليينج ڪري ڇڏيو. ميمبرن عدالت ۾ ڏنل درخواست ۾ آءِ ٽي واري وزارت، دفاع واري سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري ۽ پي ٽي اي کي ڌر بڻايو ويو. بار درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت طرفان 8 جولاءِ تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، ڳجهي ايجنسي کي اها اجازت ٽيلي ڪميونيڪيشن ايڪٽ جي قلم 54 تحت ڏني وئي آهي. هن چيو ته ڳجهي ايجنسي کي فون ڪالز ٽيپ ڪرڻ جي اجازت جو نوٽيفڪيشن غيرقانوني آهي، ٽيلي ڪميونيڪيشن ايڪٽ جو قلم 54 آئين جي آرٽيڪل 9، 14 ۽ 19 جي ڀڃڪڙي آهي.