عمران رياست خلاف سازش ڪئي، ضمانت نٿي ڏئي سگهجي: تفصيلي فيصلو

لاهور (بيورو/ م ڊ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان جي نوَ مئي ڪيسن ۾ عبوري ضمانتن جي درخواست خارج  ڪرڻ جو تفيصلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج خالد ارشد چئن صفن تي مشتمل لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻن سرڪاري شاهدن بيان ڏنو ته ست مئي جي شام پنج وڳي زمان پارڪ ۾ گڏجاڻي ٿي جتي پي ٽي آءِ قيادت جا 15 ماڻهو موجود هئا، اجلاس ۾ عمران خان نوَ مئي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گرفتاري ٿي ته ياسمين راشد جي قيادت ۾ ڪارڪنن کي گڏ ڪيو وڃي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته گرفتاري تي فوجي ٿاڪن ۽ سرڪاري عمارتن تي حملا ڪري حڪومت تي دٻاءُ وڌو ويندو، نوَ مئي تي اسلام آباد وڃڻ وقت پي ٽي آءِ باني وڊيو بيان جاري ڪيو ته جيڪڏهن کيس گرفتار ڪيو ويو ته ملڪي حالتون سريلنڪا جهڙيون ٿي وينديون، پراسيڪيوشن پي ٽي آءِ باني جي وڊيو بيان جو ٽرانسڪرپٽ عدالت ۾ جمع ڪرايو، پراسيڪيوشن جو موقف آهي ته پي ٽي آءِ باني نوَ مئي جي رٿابندي ڪئي. عدالتي فيصلي موجب، پراسيڪيوشن جو ڪيس اِهو آهي ته پي ٽي آءِ قيادت رٿابندي سان اتفاق ڪيو ۽ ماڊرن ڊيوائسز ذريعي پيغام اڳتي پهچايو، عمران خان کان چڙڏياريندڙ وڊيو ۾ استعمال ڪيل اوزار هٿ ڪرڻا آهن، درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ آهي ته درخواست گذار کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، انهن دليلن ۾ وزن ناهي، مجرماڻي سازش ذريعي پُرامن ميڙاڪو به دهشتگرد بڻجي ويندو آهي. اي ٽي سي جج پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته چرڏياريندڙ پيغام ڏيڻ ۽ اڳتي پکيڙي فوجي ٿاڪن، جناح هائوس، سرڪاري عمارتن تي حملو دهشتگردي جي زمري ۾ اچي ٿو، درخواستگذار اهڙي عمل کانپوءِ قانون تي عملدرآمد جا بنيادي حق وڃائي ويٺو آهي، عبوري ضمانت معصوم فرد جو حق آهي پر ان درخواستگزار جو حق ناهي جنهن پي ٽي آءِ جي ٻي قيادت سان گڏجي سازش ڪري رياست خلاف جنگ ڇيڙي ڇڏي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عبوري ضمانت ان جو حق ناهي جنهن حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ سازش ڪئي، درخواستگذار جو مبينا ڏوهه سان واسطو ثابت ڪرڻ لاءِ مناسب گرائونڊ موجود آهي ان لاءِ پي ٽي آءِ باني جي عبوري ضمانتون خارج ڪيون وڃن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.