خيرپور (رپورٽ: شاهد نواز سيال)خيرپور لڳ ڪوٽپل واري علائقي ۾ سولنگي-جاگيراڻي ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي، جڏهن ته ڳوٺ اميد علي جاگيراڻي ۾ گولي لڳڻ سبب فهميده زال غلام مصطفيٰ جاگيراڻي مارجي وئي آهي. ان ڏس جاگيراڻي برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڌرين وچ ۾3 ڏينهن کان فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آهي ۽ سولنگي برداري جي فائرنگ ۾ عورت مارجي وئي آهي، جڏهن ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي.