اسلام آباد (م ڊ) توانائي واري وزارت بجلي جي واهپيدارن تي ساليانو 860 ارب رپين جي ٽيڪس اوڳاڙين جو انڪشاف ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ توانائي واري وزير ۽ سيڪريٽري شڪايت ڪئي ته ايف بي آر پاور سيڪٽر کي ٽيڪس اوڳاڙين جو ايجنٽ بڻائي ڇڏيو آهي، اسان ايف بي آر کي 860 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪري ڏيون ٿا، بجلي جي هر ڪيٽيگري جي بلز ۾ 18 سيڪڙو جي ايس ٽي شامل آهي. پاور ڊويزن جي سيڪريٽري ڪاميٽي کي ٻڌايو ته 500 رپين کان 20 هزار رپين جي بلن تي 10 کان 12 سيڪڙو ٽيڪس، 25 هزار جي بل تي ساڍا ست سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس لاڳو آهي ۽ 4 سيڪڙو وڌيڪ سيلز ٽيڪس به لاڳو آهي. پاور سيڪريٽري موجب حڪومت پاور سيڪٽر کي جلد نجي شعبي حوالي ڪرڻ لاءِ تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي. مسلم ليگ ن جو قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري قومي سيمبلي جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ بجلي جي بلن تي لڳل ٽيڪسن تي حيران ٿي ويو. اجلاس ۾ توانائي واري وزير ٽيڪسن بابت ٻڌايو. مسلم ليگ ن جي قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته حيراني آهي ته بجلي واهپيدارن تي 7 قسمن جا ٽيڪس آهن. سيڪريٽري پاور ڊويزن چيو ته بجلي چوري مهم ذريعي 96 ارب رپيا بچت ٿي. نجڪاري وقت نقصان 35 سيڪڙو هو، اڄ 15 سيڪڙو آهي جڏهن ته ڊسڪوز جا بجلي نقصان 16 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن. ڪمپنيون چوري روڪڻ لاءِ اسٽاف گهري رهيون آهن، ان ڳالهه جو جائزو وٺي رهيا آهيون.