ڪراچي (رپورٽر) سنڌ گورنمينٽ اسپتال لياقت آباد جي آءِ سي يو جو شعبو عملي جي کوٽ سبب گذريل 20 مهينن کان غيرفعال بڻيل آهي، ذريعن موجب، آءِ سي يو غيرفعال هجڻ سبب مريضن کي اڪثر ٻين اسپتالن ڏانهن ريفر ڪيو پيو وڃي، اسپتال ۾ آءِ سي يو جو شعبو 2020 ۾ قائم ڪيو ويو هو ۽ عملو به ڀرتي ڪيو ويو هو ۽ عملي کي ڪورونا وبا بعد فارغ ڪيو ويو، ذريعن ٻڌايو آهي ته عملي جي برطرفي کانپوءِ گذريل آڪٽوبر 2022 کان وٺي آءِ سي يو جو شعبو غيرفعال بڻيل آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ گورنمينٽ اسپتال لياقت آباد جي ايم ايس ڊاڪٽر عتيق قريشي جو چوڻ آهي ته اسپتال جي آءِ سي يو ۾ طبي سامان ۽ دوائون موجود آهن، يونٽ عملي جي کوٽ سبب غيرفعال بڻيل آهي، هن وڌيڪ چيو ته صحت کاتي کي آءِ سي يو لاءِ ڊاڪٽرن، ٽيڪنيشز ۽ ٻئي عملي جي ڀرتيل لاءِ درخواست ڏني وئي آهي.