شهرين جا فون ڪال ٽيپ ڪرڻ جي اجازت آئين جي ڀڃڪڙي آهي\ايڇ آر سي پي

لاهور (م ڊ) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل تازي غير آئيني نوٽيفڪيشن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ انٽيليجنس اهلڪارن کي قومي سلامتي جي نالي تي ڪنهن به شهري فون ڪالز ٽيپ ڪرڻ ۽ ان جو پتو لڳائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ايڇ آر سي پي موجب اهو نوٽيفڪيشن آئين جي آرٽيڪل 9، 14 ۽ 19 تحت شهرين جي آزادي، عزت نفس ۽ رازداري جي حقن جي واضح ڀڃڪڙي آهي. اهو محترمه بينظير ڀٽو ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روح جي به خلاف آهي. اهو اتفاق ناهي ته اهو نوٽيفڪيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ان حڪم کانپوءِ جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته رياستي اختيارين کي شهرين جي نگراني ڪرڻ جو اختيار ناهي. حڪومتن ۽ انٽيليجنس ايجنسين ٻنهي جي خراب رڪارڊ کي نظر ۾ رکندي، اهو خدشو موجود آهي ته اهو قدم بليڪ ميل، ايذاءُ ۽ ڌمڪيون ذريعي سياسي اختلاف کي دٻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. HRCP جو چوڻ آهي ته حڪومت کي فوري نگراني جي سڀني سرگرمين ۾ چيڪ ۽ بيلنس جو سخت نظام متعارف ڪرايو وڃي  جيئن ته فيئر ٽرائل ايڪٽ 2013 جي تحقيقات لاءِ بيان ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.