اسلام آباد(بيورو+انصار عباسي) عمران خان حيران آهي ته توشاخانه ڪيس ۾ جنهن هار جي قيمت هڪ ڪروڙ 80 لک رپيا هئي ان جي قيمت نيب ڪهڙي طريقي سان 3 ارب رپين کان وڌيڪ لڳائي آهي؟ پي ٽي آءِ باني نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف انٽراڪورٽ اپيل ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ هن انٽراڪورٽ اپيلون خارج ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي، عمران خان پنهنجي لکت واري جواب ۾ چيو ته ڪنهن جي ڪرپشن بچائڻ لاءِ قانون ۾ ترميمون ڪنهن بنانا ري پبلڪ ۾ به ناهن ٿينديون، ڪرپشن معيشت لاءِ تباهه ڪندڙ ۽ ناڪاري اثر ڇڏيندي آهي، هن لکيو ته ماضي ۾ ڪرپشن ڪندڙن قانون ۽ پارليامينٽ کي پنهنجي لاءِ ڍال بڻايو،سپريم ڪورٽ کي حقيقتن کي سامهون اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن،هن چيو ته هيل تائين هن خلاف ڪيسن ۾ ٿيندڙ عدالتي ڪارروائي ۽ ان جي نتيجي ۾ سامهون ايندڙ فيصلن ۾ غيرجانبداري کي نظرانداز ڪيو ويو، ان ڪري غيرجانبداري جي اصول کي برقرار رکڻ لاءِ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مون بابت معاملن ۽ ڪيسن جي ٻڌڻي نه ڪري،هن چيو ته مون سان ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته ترميمن جو فائدو توهان کي به ٿيندو پر منهنجو موقف واضح آهي ته منهنجي ذات جو نه بلڪه ملڪ جو معاملو آهي