بهرام ويجهو پلاٽ تڪرار تان سهري هٿان ناٺي قتل،جوابدار گرفتار

بهرام (ن ع آ)  بهرام ٿاڻي جي ڳوٺ گل محمد چچو ۾  گذريل  ڏينهن  زمين ۾  پاڻي ڇڏڻ جي معمولي ڳالھه تان جوابدار معشوق کوسو پاران پنهنجي ئي ناٺي 44  ساله طارق کوسو کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو  بهرام پوليس  اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال ميروخان کڻائي وئي جتي ضروري ڪارروائي بعد پوليس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي وارثن  ۾ ڪھرام مچي ويو  مقتول جي وارثن اھڙي واقعي بعد  ۽ جوابدار  گهر مٿان فائرنگ ڪري ڏني  جڏهن  ته جوابدار پاران به جوابي فائرنگ ڪندو رھيو  هوڏانهن ايس ايڇ  بهرام محمد حسن جوڻيجو پاران جهيڙي کي روڪرائڻ لاءِ بڪتر بند گاڏي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي مختلف ٿاڻن تان پوليس گهرائي ورتي، پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار معشوق کوسو کي گرفتار ڪري ورتو، ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.