خواجا آصف پاران فون ٽيپنگ جي حمايت

اسلام آباد(م ڊ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته فون ٽيپنگ جو معاملو قانوني مرحلن مان گذري رهيو آهي، نيشنل سيڪيورٽي جي معاملن ۾ اهو ضروري ٿي پوندو آهي، دهشت گردي خلاف جنگ ۾ اها اسان لاءِ ضروري آهي، موجوده حالتن ۾ فون ٽيپنگ جي بلڪل حمايت ڪندس، عمرايوب ۽ ٻيا ماڻهو فون ٽيپنگ تي عمران خان جا فرمان به ٻڌن، هن چيو ته عمران خان چيو هو ته منهنجا به فون ٽيپ ٿين ٿا ۽ ضرور ٿيڻ گهرجن، ان وقت اسٽيبلشمينٽ سان هن جا معاملا ٺيڪ هلي رهيا هئا،  اپوزيشن وارا سڀ موسمي ڏيڏر آهن، پهرين اهي پاڻ ٽيپنگ ڪرائيندا هئا پنهنجي به ۽ مخالفن جي به، هن چيو ته اتحادي حڪومت ۾ شڪوا شڪايتون ٿينديون رهنديون آهن، مختلف جماعتون هونديون آهن ته مختلف مفاد هوندا آهن، سياسي مقصد به سڀني جا الڳ هوندا آهن، بلاول ڀٽو جيڪو چئي رهيو آهي اهو بلڪل ٺيڪ آهي، ڪوشش آهي ته شڪايتون گهٽ ٿين، پ پ کي بنيادي مسئلو پنجاب  ۾ جاءِ نه ملڻ جو آهي،پ پ کي وفاق ۾ وزارتن جو مسئلو ناهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.