باڊھه (رپورٽ: نظام ڪولاچي)باڊھه ڀرسان ڏوڪري تعلقي جي ڪچي واري علائقي فتح پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ آدم جو ٻِنڊو ۾ ڪلهوڙا برادري ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 28 سالن جو برڪت علي پٽ امان الله ڪلهوڙو ۽ ڳوٺ چڪرا واسي مظھر علي چاڪي مارجي ويا، اطلاع ملڻ تي فتح پور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين ڪلهوڙا برادري جي ٻنهي ڌرين جا ماڻھو مورچا بند ٿي ويا آھن ۽ فائرنگ جو سلسلو جاري آھي. ٻئي طرف فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل 2 ڄڻن برڪت علي ڪلهوڙو ۽ مظهر چاڪي واري واقعي جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل خان کوسو نوٽيس وٺي مختلف ٿاڻن جي پوليس ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ آدم جو ٻنڊو پهتو. دوري دوران ڊي ايس پي ڏوڪري عبدالغفور ڇُٽو، ايس ايڇ او الطاف حسين وڌو، ايس ايڇ او شاهنواز مهر ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس به ساڻس گڏ هئي. ان موقعي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو جوابدارن کي گرفتاري لاءِ پوليس جون خصوصي ٽيمون جوڙڻ ۽ علائقي ۾ پوليس جو گشت وڌائڻ جو حڪم جاري ڪيو.