مٺي پاڻي وارين ڍنڍن تي قبضي بابت وڏي وزير کي آگاهه ڪيو آهي: نجمي عالم

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز بابت صلاحڪار سيد نجمي عالم چيو آهي ته سنڌ جي مٺي پاڻي وارين ڍنڍن تي پرائيويٽ ماڻهن جي قبضي بابت سنڌ جي وڏي وزير کي ڄاڻ ڏني وئي آهي، انهن ڍنڍن ۽ واهن تي مڇي جو شڪار ڪرڻ جو حق انهن ماهگيرن جو آهي جن کي سنڌ فشريز کاتي لائسنس جاري ڪيا آهن. اهڙو اظهار اڱاري ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز بابت صلاحڪار سيد نجمي عالم پاڪستان فشرفوڪ جي چيئرمين مهراڻ علي شاهه جي اڳواڻي ۾ ماهيگرن جي هڪ وفد سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. پاڪستان فشرفوڪ جي وفد صوبائي صلاحڪار کي ٻڌايو ته سانگهڙ ۾ ڪاڪاهو ايريا ۽ چوٽياري ڊيم جي پاڻي تي بااثر ماڻهن  قبضو ڪري مقامي ماهيگيرن کي بي دخل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ جڏهن بدين ضلعي ۾ ايل بي ڊو او وري زرخيز زمينن ۽ مڇي جي مٺي پاڻي جي تلائن ۽ ڍنڍن کي تباه ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.