ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ روس کان درآمد ڪيل 5 هزار ٽن ڪڻڪ بندرگاهه کان جاري نه ڪرڻ واري ڪيس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تيوفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي بندرگاهه تان روس کان درآمد ڪيل 5 هزار ٽن ڪڻڪ جي جاري نه ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اسان جي ڪمپني کي 28 مارچ 2024ع تي روس مان ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، بندرگاهه تي 5 هزار ٽن ڪڻڪ جا 19 جهاز بيٺا آهن پر وفاقي حڪومت بندرگاهه مان ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏئي رهي. وڪيل موجب روس مان امپورٽ ٿيل ڪڻڪ بندرگاهه تي خراب ٿي رهي آهي، ڪڻڪ خراب ٿيڻ سان اسان کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيندو. وفاقي حڪومت جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي. عدالت وفاقي حڪومت جي جواب جمع نه ڪرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت وفاقي حڪومت کي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 23 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.