اسڪولن ۾ ٻارن جي منشيات ٽيسٽ جي منظوري وٺي ڇڏي آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته فوڊ ڊليوري ڪمپنين کي خبر ناهي ته کاڌي سان گڏ منشيات  جي به ڊليوري ڪئي پئي وڃي، ڪابينا کان منظور ورتي وئي آهي ته اسڪولن ۾ ٻارن جي منشيات جي ٽيسٽ ڪنداسين، جنهن ٻار جي ٽيسٽ هاڪاري ايندي رڳو ان جي والدين کي آگاهه ڪيو ويندو. ڪجهه شاگردن جي رينڊم ٽيسٽ ڪنداسين، جن جو نالو راز ۾ رکيو ويندو.  ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ٽيڪس اوڳاڙي لاءِ 130 ارب جو هدف ايڪسائيز کي ڏنو هو، اسان هدف کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو، ڪجهه ماڻهو ٽيڪس ڏيڻ چاهين ٿا پر لائنن ۾ لڳڻ کان لنوائين ٿا. سندس چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏي رهائشي اسڪيم شروع ڪئي، اسان 21 لک ڪٽنبن کي رهائش فراهم ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو، نمبر پليٽن جي نيلامي جي اسان کي سٺي موٽ ملي آهي.  هن چيو ته اسان نيلامي ۾ نمبر پليٽ جا اگهه رکي رهيا آهيون، پهريان اهي پريميئم نمبر پليٽون سفارش تي ملنديون هيون ۽ سستيون هيون. اطلاعات واري وزير چيو ته جڏهن کان هي حڪومت ائي آهي، نارڪوٽڪس ونگ 141 ڪارروايون ڪيون، 158 جوابدار گرفتار ۽ 114 گاڏيون برآمد ڪيون ويون. هن چيو ته صوبن کي گڏجي منشيات خلاف ڪارروايون ڪرڻيون پونديون، اي اين ايف منشيات فروش قربان شاهه کي گرفتار ڪيو، منشيات جي رقم سندس ذاتي اڪائونٽس ۾ جمع ٿيندي هئي. هن چيو ته گرفتار منشيات فروش ضمانت تي آهي، اسان ثبوت حاصل ڪيا، گرفتار منشيات فروش جنهن کان منشيات وٺندو هو، اهو اسلام آباد ۾ آهي، وفاقي گهرو وزارت کي خط لکي رهيا آهيون ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ايڪسائيز واري وزير چيو ته هر کاتو ۽ هر صوبو منشيات خلاف ڪارروايون ڪري، ڊجيٽل ڊيٽا ٺاهينداسين، ڊيٽا ٻين ادارن سان به شيئر ڪبي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.