واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته جائز طريقي سان اظهار جي آزادي جي حمايت ڪريون ٿا، احتجاج پرامن طريقي سان ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ۾ پرتشدد ڪاررواين جي مخالفت ڪريون ٿا. گذريل ڏينهن آمريڪي پرڏيهي کاتي جي واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران ترجمان ميٿيو ملر کان پڇيو ويو ته پاڪستان ۾ 9 مئي حملي بابت آمريڪا جو ڪهڙو موقف آهي؟ آمريڪي ترجمان جواب ڏنو ته اسان پاڪستان کان سڄي دنيا ۾ جائز، اظهار جي آزادي جي حمايت ڪريون ٿا، جنهن ۾ پرامن احتجاج به شامل آهي ۽ اسان پرتشدد ڪاررواين سميت ڀڃ ڊاهه ۽ ڦرلٽ جي مخالفت ڪريون ٿا. ميٿيو ملر چيو ته پاڪستان سميت دنيا جي ڪنهن به جاءِ تي ٿيندڙ مظاهرا پرامن طريقي سان ٿيڻ گهرجن ۽ حڪومتن کي گهرجي ته هو انهن مظاهرين سان قانوني طريقي سان منهن ڏين ۽ اظهار جي آزادي وارو حق ذهن ۾ رکيو وڃي. ميٿيو ملر کان پڇيو ويو ته ڇا آمريڪا افغانستان ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان جهڙي دهشتگرد گروپ خلاف پاڪستان جي حملن جي حمايت ڪري ٿو؟ آمريڪي پرڏيهي ترجمان دهشتگردي سبب پاڪستان کي نقصان پهچڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته علائقائي سلامتي کي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان گڏيل مفاد آهن.
-
گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي گهر ۽ فصل تباهه
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي گهر ۽ فصل به تباهه ٿي ويا آهن، گليشيئرز جي پگھرڻ ۽ برسات سبب اسڪردو ۾ ڪيترائي ماڻهو ڦاسي پيا، اطلاعن موجب گذريل ڏينهن اها ٻوڏ ڍنڍ ۾ پاڻي جي اوور ٽاپ ٿيڻ سبب آئي، جنهن ۾ پاڻي جو هڪ وڏو قدرتي ذخيرو آهي، جيڪو هن جبل ۾ گليشيئرز پگهرڻ سان ٺهندڙ پاڻي جو هڪ وڏو قدرتي ذخيروآهي. ان کان اڳ جو ڍنڍ جي ڪناري تي وهڻ لڳو، پاڪستان مجموعي طور تي گذريل ڪيترن ئي هفتن کان سخت گرمي جي لهر کي ڏٺو هو، جنهن ۾ گليشيئرز جي پگھرڻ جو عمل تيز ٿي ويو هو. مقامي عملدارن چيو ته انهن کي گلگت بلتستان صوبي جي اسڪردو جي جبل واري علائقي ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن جي رهاڪن کي ٻاهر ڪڍڻو پيو. مقامي ريسڪيو سروسز جي هڪ آفيسر هارون گل جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب متاثر علائقي ۾ مقامي رهواسين جا ڪيترائي گهر ۽ فصل به تباهه ٿي ويا آهن.