ڪيسن جي رپورٽنگ ڪريو، فيصلو نه ٻڌايو: چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪيسن جي رپورٽنگ ڪريو، فيصلو نه  ٻڌائي ڇڏيو، اظهار جي آزادي جي اوٽ ۾ ڪنهن جي توهين نه ٿيڻ گهرجي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني خلاف الزامن جي مشهوري تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس عامر فاروق، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پيمرا جي وڪيل طرفان پروگرام جو ٽرانسڪرپٽ جمع ڪرايو ويو ۽ موقف اختيار ڪيو ته پيمرا اهو معاملو ڪائونسل آف ڪمپلينٽ کي موڪلي رهي آهي، پيمرا جو ڪائونسل آف ڪمپلينٽ نجي ٽي وي تي هلندڙ پروگرام جي حد تائين معاملو ڏسي سگهي ٿو. پيمرا وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نجي ٽي وي جو پروگرام اسان جي اختيار جي دائري ۾ اچي ٿو، چيف جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته اسان ڪا ڊائريڪشن ناهيون ڏئي رهيا، اوهان آزاداڻي طور معاملي کي ڏسو، اسان ڪنهن شهري کي ڪمپلينٽ فائل ڪرڻ کان ناهيون روڪي رهيا، اسان ان ڏس ۾ مهم جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته پيمرا کي جيڪو ڪرڻو آهي آزاداڻو ڪري، اسان ان تي ڪي هدايتون ناهيون ڏئي رهيان، اسان ڪنهن جج خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ کان نٿا روڪي سگهون. هن وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان جو قانون هر شهري کي ريفرنس داخل ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو، ڪيسن جي رپورٽنگ ڪريو پر فيصلو نه ٻڌائي ڇڏيندا ڪريو، جيڪڏهن معاملو التوا هيٺ آهي ته ان جي رپورٽنگ ڪريو پر ججمينٽل نه بڻجو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏنا ته جڏهن اوهان ڪنهن جج خلاف ڳالهايو ته اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻي آهي ته جج اوهان سان ناهي بيٺو جيڪو پنهنجو دفاع ڪري، هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو حوالو ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.