ميرپورماٿيلو (رپورٽ پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلو ۾ جماعت اسلامي ميرپورماٿيلو پاران شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن ۽ سھولتڪارن جي گرفتاري بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ اضافي ٽيڪسن جي ڀرمار ۽ منشيات جي سر عام وڪري خلاف جروار ڦاٽڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ مولانا محمد يوسف مزاري ، تشڪيل احمد ، ڊاڪٽر رحيم گڏاڻي ۽ ٻين چيو ته ميرپور ماٿيلي جي شھيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي کي حق سچ لکڻ ۽ ڳالهائڻ تي ناحق قتل ڪيو ويو آهي پر ڏيڍ مھينو گذرڻ باوجود ھن وقت تائين ايس ايس پي گھوٽڪي شھيد صحافي جي قتل ۾ ملوث مک جوابدارن ۽ سھولتڪارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويو آهي جيڪا گھوٽڪي پوليس جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي ھنن چيو ته شھيد صحافي جا قاتل گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندا وڃن ھنن چيو ته ميرپورماٿيلو ۾ ايڪسپريس فيڊر جي بجلي جي ھٿراڌو لوڊ شيڊنگ سبب شھرين جي زندگي زھر بڻجي وئي آهي جڏھن ته منشيات سميت سماجي برايون سر عام ھلي رھيون آھن پوليس سماجي براين تي ضابطو آڻڻ بجاءِ سرپرستي ڪري رهي آهي ھنن مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته فوري طور تي شھيد صحافي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن سھولتڪارن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏوگڏ اضافي ٽيڪسز ختم ڪري منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو