صدر آصف زرداري پاران نئين اسلامي سال جي شروعات تي قوم کي مبارڪون

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) صدر آصف علي زرداري نئين اسلامي سال جي شروعات تي پاڪستاني قوم ۽ امت مسلمه کي مبارڪباد ڏني آهي.  هڪ بيان ۾ ملڪ جي صدر چيو ته منهنجي دعا آهي ته نئون هجري سال ملڪ ۾ امن، خوشحالي ۽ استحڪام آڻي. صدر چيو ته محرم الحرام حضرت امام حسين رضه ۽ ان جي ساٿين جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو. صدر آصف زرداري وڌيڪ چيو ته حق ۽ باطل جي فرق ۽ مذهب جي صحيح تعليمات بابت شعور پيدا ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.