جسٽس طارق جهانگيري خلاف سوشل ميڊيا مهم،بار ايسوسيئيشن جو اجلاس طلب

اسلام آباد (م ڊ): اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف سوشل ميڊيا مهم هلائڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  بار ايسوسيئيشن 9 جولاءِ تي هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف سوشل ميڊيا مهم جي مذمت ڪندي چيو ويو ته جسٽس جهانگيري قابل ۽ محنتي جج آهي. هڪ وڪيل جي حيثيت سان هڪ شاندار ڪيريئر رهيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار عدليه جي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ تي مڪمل يقين رکي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.