لاهور (امداد سومرو+معظم فخر+مزمل سهروردي) سپريم ڪورٽ کي خط لکي عدليه ۾ مداخلت جا الزام هڻندڙ 6 ججز مان 5 ججز جي آيل اسڪينڊلز عدليه ۾ ٽاٻڙڪو مچائي ڇڏيو آهي. جسٽس بابر ستار، جسٽس شهزاد ملڪ، جسٽس طارق محمود جهانگيري، محسن اختر ڪياني خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ مختلف ماڻهن درخواستون ڏئي مٿن مختلف الزام لڳايا آهن،هائوسنگ وزارت جي اڳوڻي ڊي جي محمد ايوب شڪايت داخل ڪرائي آهي ته جسٽس بابر ستار هڪ سرڪاري گهر پنهنجي پاڻ کي الاٽ ڪرائڻ لاءِ هن کي هراسان ڪيو،ان کان علاوه ٻن ججن جسٽس طارق جهانگيري ۽ جسٽس ارباب طاهر به کيس ڊيڄاري سرڪاري گهر الاٽ ڪرايا انهن ججز تي لڳايل الزامن کانپوءِ جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ باني عمران خان جي آزادي جي اميد ختم ٿي وئي آهي، کيس اها اميد هئي ته اهي ججز سندس خلاف داخل ڪيسن جا سندس حق ۾ فيصلا ڏئي کيس ڇڏائيندا پر هاڻي هو پاڻ تڪراري بڻجي ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ عمران خان ۽ سندس ساٿي پريشان آهن ڇو ته ايندڙ ڏينهن عمران خان لاءِ سٺا ناهن.