اسلام آباد (م ڊ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته آمريڪي ڪانگريس طرفان چونڊن جي جاچ جي مطالبي وارو ٺهراءُ پاس ڪرڻ کانپوءِ عالمي مالياتي فنڊ سان پاڪستان جو نئون معاهدو مشڪل ٿي سگهي ٿو. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اچڪزئي چيو ته جيڪڏهن آمريڪي انتظاميا اهڙو واضح موقف اختيار ڪري ٿي ته آءِ ايم ايف ڊيل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ”پاگل“ ٿي ويندي. اچڪزئي چيو ته اسان کي خبر آهي ته هي ”فارم 47“ واري حڪومت آهي. هن ملڪ جي مسئلن جي حل لاءِ سمورين سياسي پارٽين ۽ اسٽيبلشمينٽ سميت ٽي ڏينهن واري ڪانفرنس سڏائڻ جو به مطالبو ڪندي چيو ته پاڪستان کي بچائڻ لاءِ ملڪ جي سمورين قوتن کي گڏيل حڪمت عمليءَ تي اتفاق ڪرڻو پوندو. هن مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرايون وڃن.