ايف آءِ اي جي سيالڪوٽ ايئرپورٽ تي ڪارروائي، ريپ ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) ايف آءِ اي اميگريشن سيالڪوٽ ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي ريپ ڪيس جي جوابدار جي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. اسلام آباد مان ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدار جو تعلق سيالڪوٽ سان آهي ۽ هو اسلام آباد پوليس کي گهربل هو. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف مارگلا ٿاڻي ۾ زيادتي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.  ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدار جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل هو. گرفتار جوابدار کي اسلام آباد پوليس حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.