لاهور (م ڊ) پنجاب جي راڄڌاني لاهور، مري سميت پشاور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات پئي. ملتان، پاڪ پتن، ڀڪر، رحيم يار خان ۽ بهاولنگر سميت ٻين شهرن ۾ گذريل رات مينهن وسيو، مري جي مٿانهن علائقن ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ ٿڌ پئجي وئي. اهو سلسلو اڄ به وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي. ضلعي انتظاميا وارننگ جاري ڪئي آهي ته سياح غير ضروري سفر کان پاسو ڪن. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي انتظاميا کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. مريم نواز شهري ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي حفاظتي ۽ ضروري انتظامي اپائن جون هدايتون جاري ڪندي ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ واسا کي نيڪالي لاءِ سرگرم رهڻ جو حڪم ڏنو.