ڪراچي (م ڊ) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مسعود پزشڪيان کي ايران جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون. سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. سيد يوسف رضا گيلاني وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته مسعود پزشڪيان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، خطي جي امن ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.
-
اسلامي سال جي شروعات تي ڪعبي جو غلاف تبديل ڪرڻ واري تقريب
رياض (م ڊ) محرم الحرام جي شروعات تي مسجد الحرام ۾ ڪعبي جو غلاف تبديل ڪرڻ واري تقريب ٿي. ڪسوه فيڪٽري مان ڪعبي جو غلاف مسجد الحرام منتقل ڪيو ويو، 13 سئو ڪلوگرام وزني ڪعبي جي غلاف تي 20 ملين ريال لاڳت آئي آهي. ڪعبي جو غلاف 670 ڪلوگرام خالص ريشم سان تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 120 ڪلوگرام سون ۽ هڪ سئو ڪلوگرام چاندي استعمال ڪئي وئي آهي. تقريب ۾ هزارين نمازي ۽ پانڌيئڙا موجود هئا.
-
والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان 6 ڪشميري شهيد
سري نگر (م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري آهي. ڪلگام ضلعي ۾ ڀارتي فوج هٿان 6 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا. ڀارتي فوج تلاشي جي اوٽ ۾ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران ڀارتي فوج هڪ گهر تي ڪيميائي مواد اڇلايو. ان کان اڳ ڪلگام ۾ هڪ حملي ۾ 2 ڀارتي فوجي مارجي ويا هئا.
-
بلوچستان ۾ 3 هزار والدين ٻارن کي پوليو ڦڙا نه پياريا
ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ هيل تائين 3 هزار والدين پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري چڪا آهن. عملدارن انڪشاف ڪيو ته هن وقت تائين 3 هزار پوليو ڦڙا پيارڻ کان انڪاري والدين رپورٽ ٿيا آهن. صوبي ۾ 7 ڏينهن واري پوليو کان بچاءَ واري مهم جي آخري ڏينهن تائين صوبي جي 16 ضلعن ۾ 98 سيڪڙو هدف حاصل ڪيو ويو. عملدارن موجب مهم ۾ 9 لک 51 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جي ويڪسين جو هدف مقرر هو.