حيدرآباد: پورهيتن جي حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ سماج سڌارڪ اڳواڻ ڪرامت علي ۽ نامياري صحافي اسحاق مڱريو جي وڇوڙي تي ڪوٺايل مڃتا ميڙاڪي ۾ ڳالهائيندي چيو ته سماجي اڳواڻ جاويد سوز هالائي ڳالهائيندي چيو ته جنهن دور ۾ ڊولپمينٽ سيڪٽر ۽ سماجي تنظيمن بابت سنڌي ميڊيا ۾ ڪا سٺي راءِ نه هئي, ان دور ۾ ڪرامت علي جهڙن ساٿين ڪوششون ڪيون ته ميڊيا کي پنهنجي ڪم ۽ اهميت بابت آگاهه ڪجي, ان دوران عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ان جي ٽيم اڳتي وڌي سڀ کان پهريان سماجي تنظيمن ۽ ڊولپمينٽ سيڪٽر کي اخبار ۾ جاءِ ڏني ۽ الڳ صفحو رکيو, ان کانپوءِ ٻي ميڊيا ڊولپمينٽ سيڪٽر کي اخبارن ۾ جاءِ ڏني ۽ ميڊيا جي راءِ تبديل ٿي.