حيدرآباد(رپورٽر) سماجي اڳواڻن، صحافين، ليکڪن ۽ عورت اڳواڻن نامياري سماج سڌارڪ اڳواڻ ۽ پورهيتن جي حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ ڪرامت علي ۽ نامياري صحافي ۽ ليکڪ اسحاق مڱرئي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته ڪرامت علي سڄي ڄمار مزدورن ۽ هارين جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي، هن سڄي ملڪ جي پورهيتن ۽ پورهيت اڳواڻن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري جي لاءِ عملي ڪوششون ڪيون, صحافي اسحاق مڱرئي جو وڇوڙو اڄ جي حالتن ۾ صحافت جو وڏو نقصان آهي، اسحاق مڱرئي جهڙن صحافين جي ڪري ئي ميڊيا تي ماحوليات جي تباهڪارين جي سببن، سنڌو درياهه جي پاڻي ڌاڙي جي ڪري ٺٽي، بدين ۽ سجاول جي سامونڊي پٽي جي ماڻهن جا درد, پورهيتن ۽ هارين جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه خانه بدوش رائٽرس ڪيفي جي اڱڻ تي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي حيدرآباد پاران پورهيت اڳواڻ ڪرامت علي ۽ نامياري صحافي اسحاق مڱريو کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ڪوٺايل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد تحسين چيو ته ڪرامت علي سان 41 سالن جو تعلق هو، هو سدائين پورهيتن ۽ مزدورن جي حالتن تي فڪرمند رهندو هو ۽ سوچيندو هو ته جتي به هجي پنهنجي مقصد جي لاءِ جاکوڙ جاري رکجي، پوءِ طريقيڪار ڀلي مختلف هجن. هن چيو ته ڪرامت علي امن جي ڳالهه ڪرڻ تي به مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته اسحاق مڱريو جي لکڻين کي گڏ ڪري ڪتاب جي شڪل ۾ ڇپرائڻ گهرجي, اسحاق مڱريو سنڌي ميڊيا جي اندر ماحولياتي صحافت کي متعارف ڪرايو، اسحاق مڱرئي کي اسان سدائين کلندي ڏٺو. ڊاڪٽر عرفانه ملاح چيو ته اسحاق مڱريو ڌرتي جون ڪهاڻيون لکندو هو، هو صحافت کي عوامي صحافت ڏانهن وٺي ويو. هن چيو ته ڪرامت علي ان دور ۾ امن جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن دور ۾ پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ وڏي ڇڪتاڻ هلي رهي هئي، ٻنهي ملڪن ۾ جنگ ٿيڻ جهڙي صورتحال هئي. هن چيو ته ڪرامت علي لساني جهيڙن ۾ به ترقي پسند ۽ پرامن سنڌ جي ڳالهه ڪئي ۽ ماحول کي سازگار بنائڻ جي لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ڪرامت علي ڪالاباغ ڊيم ۽ ڍنڍن تي قبضن خلاف به آواز اٿاريو، هو سنڌ جي هر مسئلي تي سنڌ جي ماڻهن سان گڏ بيهندو هو، هو مزدور ۽ عورت جي حقن جي ڳالهه ڪندو هو. سافڪو جي سربراهه سليمان جي ابڙو چيو ته ڪرامت علي ننڍي کنڊ ۾ امن جي لاءِ تمام گهڻو جاکوڙ ڪئي. هن هارين ۽ مزدورن جي پاڻ ۾ ڳانڍاپي جي لاءِ وڏا پروگرام ڪيا ۽ سڄي ملڪ جي پورهيتن کي گڏ ڪيو ته جيئن سڄي ملڪ جا مزدور ۽ هاري پاڻ ۾ جڙن. هو مزدورن ۽ هارين کي هڪ آواز ٿي پنهنجي حقن لاءِ گڏ ڪرڻ جي خواهش رکندو هو، هو مظلومن جو آواز هو، ڪرامت علي ڪالاباغ ڊيم جي خلاف به پروگرام ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڪرامت علي ادارا ۽ ذهن سازي ڪئي. هن چيو ته اسحاق مڱريو پروفيشنل صحافي هو. هو هر موضوع ۽ مسئلي کي صحافتي اک سان ڏسندو هو ۽ رپورٽ ڪندو هو، هو نون ۽ منفرد ڪردارن کي رپورٽ ڪندو هو. انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ امداد چانڊيو ميڙاڪي جي ڪارروائي هلائيندي چيو ته ڪرامت علي مزدور جدوجهد ۾ زندگي گذاري, هن ايوبي آمريت ۾ سختيون برداشت ڪيون. هن چيو ته ڪرامت علي هندستان ۽ پاڪستان جي عوام وچ ۾ دوستي جي لاءِ تنظيم ٺاهي, جنهن تي کيس غداري جا لقب ڏنا ويا, پر هو ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن ۽ دوستي واري پنهنجي سوچ تي اٽل بيٺو رهيو. هن چيو ته اسحاق مڱريو سنڌ جو يگانو، منفرد ۽ نئين زماني جو صحافي هو، هن ڌرتي جا نوان صحافت ۾ متعارف ڪرايا. نامياري صحافي اقبال ملاح چيو ته ڪرامت علي ۽ اسان گڏجي انقلاب جا خواب ڏٺا هئا، هو اسان جو فڪري ۽ نظرياتي ساٿي هو. هن چيو ته اسحاق مڱريو پنهنجي جوهر ۾ مڪمل انقلابي سياسي ڪارڪن هو، 88ع ۾ جڏهن کابي ڌر جي سياست ٽوڙ ڦوڙ ٿي رهي هئي ته اسحاق مڱريو ۽ اسان ٻين ساٿين صحافت جي چونڊ ڪئي ۽ ٿوري ٿوري عرصي بعد هڪٻئي پٺيان صحافت ۾ ايندا وياسين. هن چيو ته اسحاق مڱريو سميت ان ٽهي جي صحافين صحافت ۾ نواڻ آندي، نوان لاڙا متعارف ڪرايا, اسحاق مڱريو سنڌي صحافت ۾ ماحوليات سميت ٻيا ڪيترائي نوان موضوع متعارف ڪرايا, اسحاق مڱرئي سنڌ کي نئين نقطه نظر سان ڏٺو. هن چيو ته هڪ نئريٽو جاگيرداري, قبيلائي نظام ۽ سياست تي سندن قبضو چاهي ٿو ۽ ٻيو نئريٽو ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ رسول بخش پليجي جي ساٿين جو آهي جيڪو جاگيردارن ۽ سردارن کان سياست کسي غريبن، مسڪينن، هارين ۽ مزدورن جي حوالي ڪرڻ چاهي ٿو. سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان جي اڳواڻ شهناز شيدي چيو ته ڪرامت علي پورهيت جي حقن جي لاءِ هر هلندڙ جدوجهد ۾ اڳيان رهيو, هو انساني حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ ڪردار هو. هن چيو ته اسحاق مڱرئي خوددار صحافي هو، هن صحافت ۾ پاڻ مڃرايو. ليکڪه امر سنڌو چيو ته اسحاق مڱريو خانه بدوش جي افتتاح کان وٺي زندگي جي آخري ڏينهن تائين خانه بدوش جي اڱڻ تي رقص ڪيو، اسحاق مڱريو وڏي ڪردار وارو ماڻهو هو, اڄ جي دور ۾ اسحاق مڱرئي جهڙي صحافي جو وڃڻ صحافت جو وڏو نقصان آهي وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ عاليا بخشل چيو ته اسحاق مڱريو سنڌ جو تحقيقي ۽ عوامي صحافي هو, هو عوام جي راءِ سان جڙيل هو, ماحوليات, عورت سوال ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي سوال تي هو تمام گهڻو چٽو هو ۽ ان تي هن تمام گهڻو لکيو. سماجي اڳواڻ ۽ شاعر جاويد سوز هالائي چيو ته ڪرامت علي ننڍي کنڊ ۾ امن ۽ مزدور تحريڪ جو وڏو نالو هو. هن چيو ته ڪرامت علي ٽريڊ يونين کي پراڻي ڪلچر مان ڪڍي نئين انداز سان پورهيتن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪرامت علي ۽ اسحاق مڱريو خوشحال، پرامن، مزدور ۽ ماحول دوست سماج اڏڻ خواب ڏسندڙ هئا. شائسته اسحاق چيو ته بابا اولاد سان دوستن جيان هوندو هو، ڀاءٌ جي وڃڻ کانپوءِ بابا اسان جو سهارو هو، پر اهو به هليو ويو، بابا اسان کي ڳوٺ مان ڪڍي حيدرآباد وٺي آيو ۽ اسان کي تعليم ڏياري. اسحاق مڱريو جي پٽ صالح مڱريو چيو ته بابا جي شخصيت ۽ ڪم نرالو رهيو آهي، بابا جو غريب گهراڻي سان تعلق هو, هن ڏک ۽ تڪليفون ڏٺيون. فهميده جروار چيو ته بابا اسحاق مڱريو رستي ويندي وڻن تي ويٺل پکين جون ٻوليون سمجهڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو, هو فطرت سان پيار ڪندڙ صحافي هو, ميڙاڪي ۾ ڪرامت علي ۽ اسحاق مڱريو جي تصويرن آڏو گل رکي ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. سماجي اڳواڻ جاويد سوز هالائي ڳالهائيندي چيو ته جنهن دور ۾ ڊولپمينٽ سيڪٽر ۽ سماجي تنظيمن بابت سنڌي ميڊيا ۾ ڪا سٺي راءِ نه هئي, ان دور ۾ ڪرامت علي جهڙن ساٿين ڪوششون ڪيون ته ميڊيا کي پنهنجي ڪم ۽ اهميت بابت آگاهه ڪجي، ان دوران عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ان جي ٽيم اڳتي وڌي سڀ کان پهريان سماجي تنظيمن ۽ ڊولپمينٽ سيڪٽر کي اخبار ۾ جاءِ ڏني ۽ الڳ صفحو رکيو، ان کانپوءِ ٻي ميڊيا ڊولپمينٽ سيڪٽر کي اخبارن ۾ جاءِ ڏني ۽ ميڊيا جي راءِ تبديل ٿي.