واپاري نريش ڪمار کي شڪارپور جي شيخ فارم وٽان بازياب ڪرائڻ جا چوٻول

سکر (رپورٽ : آزاد مهر ) ؛  ھڪ ھفتو اڳ ڪوھستان جي رھواسي واپاري نريش ڪمار کي اڏيرولال اسٽيشن مان اغوا ڪيو ويو ھو جنھن جي موبائل ٽريسنگ ذريعي ڊي آئي جي حيدرآباد طارق رزاق  مٽياريءَ ٽنڊو الهيار  جامشورو ۽ حيدرآباد پوليس ساڻ ڪري ھڪ ڏينھن اڳ شڪارپور لڳ نيون لاليون وٽ چڙھائي ڪري پنج ڄڻا گرفتار ڪيا ھئا جنھن سبب گذريل رات دير سان بازياب ڪرايو ويو. ٻئي طرف سنڌ حڪومت پاران ايس ايس شڪارپور عرفان سمون کي بدلي ڪري سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ ۽ اضافي چارج ايس ايس پي سکر امجد شيخ حوالي ڪئي ۽ شڪارپور جي تاريخ ۾پهريون دفعو حيدرآباد جي ايس پي ھيڊڪوارٽر شاھزيب علي چاچڙ کي بدلي ڪري ايڊيشنل ايس پي شڪارپور مقرري لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته شڪارپور ضلعي اندر بدامنيءَ جي ور چڙهيل آهي 15 کان وڌيڪ مغوي قيد بڻيل آهن، هوڏانهن وري بازياب ڪرايل واپاري جي بازيابي بعد سوشل ميڊيا تي اهي خبرون پڻ گردش ڪري رهيون آهن ته مغوي کي شيخ فارم هائوس تان بازياب ڪرايو ويو آهي جنهن سبب ئي ايس ايس پي عرفان علي سمون کي پڻ هٽايو ويو آهي، ٻئي طرف شيخ فارم پاران اهڙي خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته مٽياري مان اغوا ٿيل واپاري نريش ڪمار جي بازيابي لاءِ حيدرآباد پوليس پاران ٻه ڏينھن اڳ شڪارپورجي ڳوٺ لاليون تي ڇاپو هنيو ھيو پر سوشل ميڊيا تي ڳوٺ لالين جي بجاءِ باربار شيخ فارم جو ذڪر ڪيو پيو وڃي ، جيڪو سراسر غلط ۽ ڪوڙ آھي، شيخ فارم تي اھڙو ڪو به پوليس جو ڇاپو نه لڳو آھي ۽ نه ئي وري شيخ فارم تان ڪو ڏوھاري پڪڙيو ويو آھي، اھڙي قسم جي تصديق ڊي آءِ جي حيدرآباد جن سوشل ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي پڻ ڪئي آھي ته ڳوٺ لالين تي پوليس ڪارروائي ڪري مختلف ذاتين جي ماڻھون کي گرفتار ڪيو آهي ۽ ڪالھه پوليس پاران ڪامياب ڪارروائي کانپوءِ غوثپور جي ڪچي مان مغوي نريش ڪمار کي بازياب ڪرايو ويو آهي، شيخ فارم جو نالو واقعي سان جوڙي شيخ ھائوس جي ساک کي سياسي نقصان پھچائڻ لاءِ مخالفن پاران سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون پوسٽون ھلايون ويون آھن، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا. واضع رهي ته 16 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان واپاري نريش ڪمار شڪارپور ڀرسان آپريشن بعد بازياب ٿيڻ بعد پنهجي گهر حيدرآباد پهچي ويو آهي  نريش کي پوليس وارثن حوالي ڪيو، ياد رهي ته ڊي آئي جي  حيدرآباد ريجن طارق رزاق ڌاريجو  موجب ٻن ڏينهن مسلسل شڪارپور جي غوثپور واري علائقي ۾ آپريشن ٿيو جنهن بعد مغوي کي بازياب ڪرايو ويو،

  • غوثپور ۾ پوليس جي ڪارروائي، 3 هندو واپاري بازياب،بدنام ڌاڙيل امداد ڀيو مارجي ويو

غوثپور/ڪنڌڪوٽ  (  نمائندن وٽان ) غوثپور پوليس ۽ رينجرس جي ڏوهارين خلاف آپريشن اغوا ٿيل  هندو برادري  3 ڄڻا بازياب ۽ هڪ ڏوهاري مارجي ويو ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري ۽ رينجرس جي  دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوهارين جي هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ جو سلسلو جاري فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو پوليس ۽ ڏوهارين جي فائرنگ سبب 10 ڏينهن اڳ نامعلوم هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل غوثپور واسي 3 ھندو واپاري نتيش ڪمار سنجي ڪمار نتيش ڪمار کي پوليس بازياب  ڪرائي ورتو هڪ ڏوهاري امداد ڀيو مارجي ويو مارجي ويل ڏوهاري جو لاش هٿ ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو  هندو برادري جي 3 ڄڻن جي بازيابي کان پوءِ وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائجي وئي رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي چيو ته دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن دوران اغوا ٿيل 3 هندو برادري جي نوجوانن کي بازياب ڪرائي هڪ ڏوهاري امداد ڀيو مارجي ويو آهي مارجي ويل ڏوهاري امداد ڀيو هندو برادري جي 3 ڄڻن جي اغوا ۽ 2 پوليس اھلڪارن جي شهادت سميت اغوا قتل ڦر سميت ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار هو،  غوثپور پوليس جي مبينا مقابلي دوران مارجي ويل ڪشمور ضلعي جي بدنام ڏوهاري امداد ڀيو جي مارڻ تي سنڌ حڪومت پاران لکين رپيا انعام جو اعلان ڪيو ويو 4 ڏينهن اڳ پوليس جي مبينا مقابلي امداد ڀيو جو ڀاءُ به مارجي ويو هو.  غوثپور ڏوهارين پاران هندو برادري جي 3 ڄڻن جي بازيابي لاءِ وارثن کان مغوين جي موبائل فون تان وارثن کان 3 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو هو،  غوثپور پوليس ۽ رينجرس جي آپريشن دوران مارجي ويل ڏوهاري امداد ڀيو جو لاش ڏسڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو اسپتال پهچي ويا اسپتال ۾ وڏي نفري مقرر ڪئي وئي،  غوثپور ھندو برادري جي 3 ڄڻن جي بازيابي کان پوءِ سوين ھندو برادري ۽ شھري ۽ شھر جي سياسي سماجي ڪارڪن بابا غريب داس مندر پھچي ھندو برادري کي واڌايون ڏنيون ڊاڪٽر سندر لال بالاڻي چيو ته اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي جو پوليس اسان جا ماڻھو بازياب ڪارايا آهن اسان ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي ۽ ان جي ٽيم جا ٿورائتا آهيون جن اسان جا ماڻهو بازياب ڪرايا آهن.

  • سن ڀرسان مڇي مارڻ ويل 2 ڀائر اغوا، 50 لک رپيا ڀنگ طلب

سن ( ن ع آ ) سن ويجهو ٻن سڳن ڀائرن کي 8  نامعلوم هٿياربندن مبينا طور تي اغوا ڪري کڻي ويا، آمري ٿاڻي جي حد مان سنڌو درياءَ ۾ مڇي ماريندڙ ٻن سڳن ڀائرن اعجاز  ۽ ارشاد علي ملاح کي 8 کان وڌيڪ نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زور تي مبينا طور اغوا ڪري کڻي ويا، ٻه ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود به آمري پوليس مغوي ڀائرن کي بازياب ڪرائڻ جي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا، مغوي ڀائرن جي وارثن حب علي ملاح ،  سبحان علي ملاح، عمر ملاح جي اڳواڻي ۾ عورتن مردن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان غريب مسڪين ماڻهو آهيون اسان جو گذر سفر مڇي جي شڪار تي آهي ٻئي ڀائر اعجاز ۽ ارشاد ملاح مڇي جي شڪار جي لاءِ  سنڌو درياءَ ۾ ويا،جتان  هٿياربند هٿيارن جي زور تي ٻنهي ڀائرن کي ٻيڙي سميت گڏ اغوا ڪري کڻي ويا ،  هنن الزام هنيو ته حنيف ملاح ، سليم ملاح  ۽ علي محمد ملاح جي مٿان مختلف وقتن تي حملا ڪندا رهندا هئا ۽ انهن  هٿيارن جي زور تي  اسان جي ٻنهي نوجوان ڀائرن کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، هن چيو ته هٿياربند اسان  کان فون تي 50 لک رپيا ڀونگ  گهري رهيا آهن،  اسان پورهيت ماڻهو 50 لک ڪٿا آڻيون،  احتجاج ڪندڙن چيو  ته اسان آمري  ٿاڻي تي اغوا ڪندڙ هٿياربندن جي خلاف اين سي رپورٽ داخل ڪرائي آهي،  پر پوليس ٻه ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود به اسانجي ڪا به قانوني مدد ناهي ڪئي،  احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ٻنهي مغوي ڀائرن کي بازياب ڪرايا وڃن ٻي صورت انڊس هاءِ  وي روڊ تي بلاڪ ڪيو ويندو.

  • ٽن هندو نوجوانن جي بازيابي ڊيل تحت ٿيڻ جا اطلاع

ڪنڌڪوٽ: ذريعن موجب ڄاڻ ملي آهي ته پوليس ۽ ڏوهارين وچ گذريل رات جديد هٿيارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ۽ رينجرز اهلڪارن  پاران ڏوهارين جي ٿاڪن مٿان مارٽر گولا پڻ فائر ڪيا جنهن دوران ڏوهاري امدو عرف امداد ڀيو ۽ سندس 5 ڏوهاري ساٿي پنهنجا ٿاڪ ڇڏي فرار ٿي رهيا هئا ته پوليس جي جديد هٿيارن سان ڪيل فائرنگ ۾ بدنام ڏوهاري امدو عرف امداد ڀيو مارجي ويو ۽ 5 ڏوهاري ساٿي زخمي ٿي پيا.ذريعن موجب ڀيو گينگ خلاف ٿيندڙ پوليس ۽ رينجرز جي ڪهري آپريشن ۾ ڀيو گينگ جي ڏوهارين هٿيار ڦٽا ڪري ڊيل ڪرڻ لاءِ وچين ماڻهن کي پوليس سان ڳالهين جي آڇ ڪئي جنهن بعد پوليس اها آڇ قبول ڪئي جنهن ۾ پوليس هڪ شرط تي آپريشن ڀيو گينگ خلاف ختم ڪرڻ جا شرط رکيا ته 3 هندو واپاري اغوا ٿيل آهن اهي باحفاظت طريقي سان آزاد کپن پوليس اهلڪارن کان کسيل هٿيار واپس ڪيا وڃن ۽ جيڪي مغوي قيد آهن انهن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ مارجي ويل ڏوهاري امدو عرف امداد ڀيو جو لاش پوليس حوالي ڪيو وڃي جنهن جو پوليس اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد لاش واپس ڪيو ويندو جنهن بعد ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندڙ وچين شخص ڀيو گينگ جي ڏوهارين سان ڳالهيون ڪيون ڀيو گينگ پوليس جا شرط مڃيا ۽ ڀيو گينگ جي ڏوهارين به شرط رکيا ته پوليس جا شرط منظور ڪيون ٿا اسان جا به شرط آهي پوليس جيڪي اسان جون عورتون گرفتار ڪيون آهن اهي آزاد ڪندي ۽ ڏوهاري امدو عرف امداد ڀيو جو لاش به واپس ڪيو ويندو ۽ پوليس آپريشن ختم ڪندي پوليس ۽ ڏوهارين هڪ ٻئي جا شرط مڃيا ذريعن موجب ڀيو گينگ پاران جاگيراڻي گينگ وٽ هندو واپاري مغوي حوالي ڪيا هئا جيڪي جاگيراڻي گينگ شرطن موجب هندو واپاري مغوي بند تي ڇڏي هليا ويا جن کي پوليس وصول ڪري ورتو ۽ پوليس کي کسيل هٿيار به واپس ملي ويا ۽ ڏوهاري امدو عرف امداد ڀيو جو لاش نه پوليس کي ملي ويو جنهن بعد پوليس ڏوهارين جون گرفتار ڪيل عورتون وچين ٽياڪڙي ادا ڪندڙ شخص حوالي ڪري ڇڏيا ۽ بدنام ڏوهاري امدو عرف امداد ڀيو جو لاش به ضروري ڪاروائي بعد ڏوهارين کي حوالي ڪيو ويندو.ذريعن موجب پوليس ڀيو ڏوهارين سان اهو پڻ طئي ڪيو ته اگر ٻيهر شهر جي امن و امان کي خراب ڪيو ويو ته پوليس آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.