عام ماڻهو کان بجلي في يونٽ 69 رپيا 27 پئسا وصوليءَ جو انڪشاف

اسلام آباد ( بيورو/ م ڊ) پاور ڊويزن جولاءِ 2024ع کان بجلي جي قيمتن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو  ويو آهي ته گهريلو واهپيدارن لاءِ وڌ ۾ وڌ ٽيرف 69 رپيا 27 پئسا في يونٽ تائين وڌي ويو آهي. پاور ڊويزن جي دستاويز موجب هڪ کان 100 يونٽن تائين ماهوار ٽيرف 37 رپيا 38 پئسا، 101 کان 200 يونٽن تائين ماهوار ٽيرف 45 رپيا 15 پئسا هوندو، 201 کان 300 يونٽ تائين جو في يونٽ اگهه 50 رپيا، 17 پئسا هوندو. دستاويز موجب 301 کان 400 يونٽن جو ماهوار ٽيرف 56 رپيا 73 پئسا، 401 کان 500 يونٽن جو ماهوار ٽيرف 59 رپيا 76 پئسا، 501 کان 600 يونٽن جو ماهوار ٽيرف 61 رپيا 71 پئسا مقرر ڪيو ويو آهي. 601 کان 700 يونٽن لاءِ 63 رپيا 24 پئسا ۽ 700 يونٽ کان مٿي بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ في يونٽ قيمت 69 رپيا 27 پئسا ٿي ويندي. دستاويزن مطابق ٽئڪسن سان گڏ ماهوار 50 يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدارن جو اگهه 4 رپيا، 74 پئسا ۽ ماهوار 51 کان 100 يونٽ تائين استعمال ڪندڙن لاءِ اگهه 9 رپيا 28 پئسا برقرار رهندو. 101 کان 200 يونٽن تائين ماهوار محفوظ صارفين جو ٽيرف 22 رپيا 71 پئسا هوندو. وفاقي ڪابينا هلندڙ مالي سال 25-2024 لاءِ بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ 7 رپيا 12 پيسا واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ ٽئڪسن کانسواءِ وڌ کان وڌ بيسڪ ٽيرف 48 رپيا 84 پئسا في يونٽ مقرر ڪيو ويو آهي. پاور ڊويزن بجلي جي بنيادي قيمت ۾ واڌ جو فيصلو هڪجهڙي فيصلي لاءِ نيپرا وٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن تي نيپرا 8 جولاءِ تي ٻڌڻي ڪندي. نيپرا جي فيصلي کانپوءِ وفاقي حڪومت بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي. اها واڌ پهرين جولاءِ 2024ع کان لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي. هلندڙ مالي سال ۾ بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ سان بجلي جي صارفين تي 600 ارب رپين جو اضافي بار پوندو. هوڏانهن وزير اعظم شهباز شريف بجلي صارفين جي بلن ۾ مصنوعي اضافي يونٽن جو اضافو ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. خاص ملاقات ۾ وزيراعظم توانائي واري وزير کي ٻڌايو ته جن آفيسرن هڪ يونٽ کي 200 يونٽن مان وڌائي غريب صارفين سان وڏو ظلم ڪيو آهي. وزيراعظم توانائي واري وزير اويس لغاري کي هدايت ڪئي ته هو وڃي معلوم ڪري ته اهو جلاد ڪير آهي؟ اهو تمام ضروري آهي ته اسان کي معلوم ٿئي هن چيو ته جيڪي آفيسر ۽ اهلڪار عوام جا دشمن آهن انهن کي معطل ڪري سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف ايف آءِ اي کي اهڙن آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس ۾ توانائي واري مملڪتي وزير شهباز شريف کي ٻڌايو ته اڄ شام تائين رڳو اهڙن آفيسرن کي معطل ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان انڪوائري ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.