مري ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جو ڀرپور ساٿ ڏنو وڃي. پاڪستان کي بدنام ڪرڻ وارن کي جمهوريت سان ڪا به دلچسپي ناهي، مري ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان نواز شريف سان پارلياماني پارٽي جي ليڊر سينيٽر عرفان صديقي ملاقات ڪئي ۽ اڳوڻي وزيراعظم کي پارلياماني پارٽي جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. ملاقات دوران ميان نواز شريف چيو ته امن امان جو تعلق سيڙپڪاري، ترقي ۽ خوشحالي سان آهي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ ملڪ جي تباهي ۽ هر شعبي ۾ زوال شروع ٿي ويو هو ، مخلص ۽ محنتي قيادت ئي مشڪلاتن تي قابو پائيندي.نواز شريف چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سڪيورٽي ادارن جو ڀرپور ساٿ ڏنو وڃي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ ۽ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ وارا عنصر جمهوريت سان ڪا به دلچسپي نه ٿا رکن.